راولپنڊي (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن 30 آگسٽ کان اڳ ملڪ بابت  اهم فيصلا نه ٿيا ته پوءِ ڪير به حڪومت نه هلائي سگهندو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته ملڪ کي معاشي بحران جي قيامت کان بچائڻ لاءِ تمام ٿورو وقت بچيو آهي، اڄ ڪچي مال جي امپورٽ لاءِ ڊالر موجود ناهي، سياسي عدم استحڪام ملڪ کي ڏيوالي ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي. هن چيو رياست مضبوط هوندي ته سياست به هلندي، 30 آگسٽ کان اڳ اسان کي اهم فيصلا ڪرڻا پوندا ته شايد ڪير به حڪومت نه هلائي سگهي. هن چيو ته اهم آئيني ۽ قانوني معاملي کي ڇڏي اٽارني جنرل ملڪ کان ٻاهر ڇو ويو، نواز ليگ عدليا خلاف ڪهڙي ايجنڊا تي نڪتي آهي؟. شيخ رشيد چيو ته آڪٽوبر نومبر ۾ هر صورت ۾ چونڊون ٿينديون، قوم تياري ڪري ڇڏي، شهبازشريف ۽ حمزه پنهنجو سامان پيڪ ڪن، پنجاب هليو ويو ته وزيراعظم سي ڊي اي جو چيئرمين رهجي ويندو.