قومپرست قيادت ۽ ڪارڪنن تي ڪيسز توڙي گرفتارين خلاف سنڌ ۾ احتجاج جو سلسلو جاري

0
219

ڪراچي (نمائندن وٽان) بحريه ٽائون اڳيان ڌرڻي بعد قومپرست قيادت ۽ ڪارڪنن تي ڪيسز توڙي گرفتارين خلاف سنڌ ۾ احتجاج جو سلسلو جاري، مختلف شهرن ۾ قومپرست ڪارڪنن طرفان هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي مظاهرا، ڳڙهي حسن ۾ عوامي تحريڪ، جسقم، ايس ٽي پي ۽ ٻين قومپرست پارٽيز جي ڪارڪنن طرفان مظاهرو، ڪشمور ۾ قومپرست ڪارڪنن ۽ شهرين طرفان ريلي بعد مظاهرو، سنڌي وسندين جي والار ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف نعريبازي، پنگريو، مورو، وڳڻ ۽ ٻين شهرن ۾ به ڪارڪن رستن تي نڪري آيا، بحريه ٽائون اڳيان ڌرڻي بعد قومپرست قيادت ۽ ڪارڪنن خلاف داخل ڪيسز ڪوڙا قرار، گرفتار ڪارڪنن کي فوري آزاد ڪرڻ جو مطالبو، سنڌي وسندين جي والار خلاف تحريڪ جاري رکڻ جو عزم ڪيو ويو آھي.