سجاول (ن پ ا) قومپرست اڳواڻ اسلم خيرپوري ۽ راول ڪرناڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ضمانت منظور ٿيڻ بعد سينٽرل اجيل حيدرآباد مان آزاد ٿي ويا،  جيل مان آزاد ٿيڻ وقت قومپرست اڳواڻن ۽ قومي ڪارڪنن سندس استقبال ڪيو، اسلم خيرپوري جو پنهنجي شهر ميرپور بٺورو پهچڻ تي ڪارڪنن پاران جهوڪ شريف وٽ سندس شاندار استقبال ڪري گل نڇاور ڪيا ويا،ياد رهي ته 5مهينا اڳ 7 مئي جي رات جو اسلم خيرپوري قومپرست اڳواڻ شھيد شفيع ڪرناڻي جي ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ بعد واپس پنهنجي شهر ميرپور بٺورو اچي رهيو هو ته کيس  گرفتار ڪيو ويو هو،  ۽  دير سان ٺٽي ٿاڻي تي اسلم خيرپوري، راول ڪرناڻي، حاجي انور ڪرناڻي، رزاق انڙ، انعام جوڻيجو، شبير جمالي،  نواز خان زئور سميت 21 ڄڻن تي سرڪاري فرياد تي دهشتگردي جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو،