قومپرستيءَ کان لاتعلقي ڇو؟!

0
518
قومپرستيءَ کان لاتعلقي ڇو؟!

جيتوڻيڪ گُذريل پندرهن سالن کان ملڪ ۾ جمهوري حڪومتن جو تسلسل قائم آهي پر افسوس ته جمهوري رَويا پروان چڙهڻ بدران ڏينهون ڏينهن زوال ڏانهن وڌي رهيا آهن. بس هڪ هجوم نفسيات ڪنهن وبا وانگر تيزيءَ سان پکڙجي وئي آهي، جتي مختلف ۽ اڻوڻندڙ راءِ جو منطق يا دليل سان جواب ڏيڻ بدران الزام تراشي ۽ گارگند جو سهارو ورتو وڃي ٿو. محسوس ائين ٿو ٿئي ڄڻ اسان سوچڻ، فڪر ڪرڻ واري عمل کان فارغ ٿي چڪا آهيون. نتيجي طور مهذب ۽ فضيلت سان گفتگو ڪرڻ وارو ماحول خراب ٿي رهيو آهي. تازو اهڙو لقاءُ ڊاڪٽر قادر مگسيءَ جي بيان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي آيل ردعمل مان نظر آيو، جنهن اهو موقف رکيو آهي ته هُن کي هاڻي قومپرست بدران وطن دوست سمجهيو وڃي، جنهن بس پوءِ ممڻ مچائي ڇڏيو.

                 اول ته اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ته  قومپرستي آهي ڇا، پوءِ ڏسون ته ان جا فائدا ۽ نقصان ڪهڙا آهن. دنيا ۾ قوم جون بنيادي طور ٻه وصفون رائج آهن. هڪ قوم جو تعلق رياست سان جُڙيل آهي. مثال، پاڪستان جا شهري پنهنجي قوميت واري خاني ۾ پاڪستاني لکرائيندا، هندوستان وارا هندوستاني، آمريڪا وارا آمريڪي وغيره. اهڙيءَ طرح جيترا ملڪ اوتريون قومون ٿينديون. قوم جي ٻي وصف اها آهي ته، جنهن وٽ پنهنجي ڌرتي، تاريخ، ٻولي، ثقافت وغيره هجي. پوئين وصف جي لحاظ کان پاڻ سنڌي هڪ تاريخي قوم آهيون پر پهرين رياستي وصف مطابق پاڪستاني.

دُنيا جي عظيم ڏاهن، جنهن ۾ رابندر ناٿ ٽئگور، آئنسٽائن، امرتياسين، جارج اور ويل، نام چومسڪي سميت سڀني قومپرستيءَ کي خراب قرار ڏنو آهي. بلڪه انجي خطرن کان آگاهه به ڪيو آهي. آئنسٽائن ته قومپرستيءَ کي ٻارن جي بيماري اُرڙي سان ڀيٽ ڏني. مجموعي طور قومپرستي وارين خاص خرابين ۾ هيٺيون ڳالهيون شامل آهن:

(ا) قومپرستي تنگ نظري کي فروغ ڏئي ٿي، جنهن تحت هڪ قوم پاڻ کي ٻين قومن کان بهترين سمجهي قابض ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. پهرين عالمي جنگ جو سبب اهڙي تنگ نظر قومپرستي ئي هُئي.

(ب) هِيءَ دُنيا انسانن جو هڪ باغ آهي، جنهن ۾ هر قسم جا گُلَ آهن. خُدا پاران هر انسان الڳ نموني طور خلقيل آهي پر قومپرستي قدرت جي اُن ڊائيورسٽي (مختلف نمونن) جي انڪاري آهي.(ت) قومپرستي انسانن کي ورهائي ٿي؛ انسانيت بدران قوميت کي فوقيت ڏئي ٿي، جنهن سبب نفرت، جنگيون ۽ جهيڙا جنم وٺن ٿا.

(ث) انسان ڌرتيءَ تي آزاد آيو پر هٿرادو بارڊر ٺاهي انهن کي ملڪن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن سان طاقت جي حوس ۽ لالچ وڌي ٿي.هاڻي خبر ناهي ڊاڪٽر صاحب ٻنهي مان ڪهڙي قومپرستيءَ کان لاتعلقيءَ جو اظهار ڪيو آهي؟! جن بنيادن تي سنڌي قومپرستيءَ کي تنگ نظر ڪوٺيو وڃي ٿو، ڇا ساڳئي معيار تي پاڪستاني قومپرستي نٿي لهي؟!

وسيع انسانذات جو مفاد ڏٺو وڃي ته، واقعي قومپرستي خراب آهي پر پاڻ سنڌين جو مسئلو ٻيو آهي. اسين هميشه ٻين جي قومپرستيءَ جو شڪار رهيا آهيون. پاڻ سنڌي نه ڪنهن قوم مٿان حملي آور ٿيا آهيون، نه وري ڪنهن جي وسيلن تي قابض آهيون. موهن جي دڙي مان به ڪو هٿيار ناهي مليو، ڇو ته تاريخي طور پر امن رهيا آهيون. پر موجوده حالتن ۾ مجبوري آهي ته هڪ قوم ٿي بيهون. ڪنهن کي نقصان پهچائڻ بدران ملڪ جي آئين ۽ قانون جي روشنيءَ ۾ پنهنجا سياسي، ثقافتي، قومي حق ٿا گُهرون. اسان سان ٻين قومن نفرتون ۽ ناانصافيون ڪيون آهن. اسان پنهنجي گهر ۾ پنهنجو اختيار ٿا چاهيون، جيڪو دُنيا ۾ مروج سياسي اصولن پٽاندر آهي. اسان جيڪڏهن هينئر قومپرستيءَ تان دستبردار ٿينداسين ته پوءِ پنهنجي ٻولي ۽ الڳ شناخت تان به هٿ ڌوئي ويهنداسين. عجيب سياسي ڦيرو آهي. قومپرست وفاق پرست ٿيڻ جي چڪر ۾ آهن، ته وفاق پرست پ پ پ وارا وري قومپرست ٿيڻ جو تاثر ٿا ڏين، جتي بلاول ڀٽو زرداريءَ کي چوڻو پيو ته، “مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون!“

اهو به جاچڻ جي ڪوشش ڪجي ته اوچتو موقف ۾ آيل وڏي تبديليءَ پُٺيان ڪهڙو سياسي پسمنظر آهي. اهڙو ڪهڙو واقعو يا تجربو ٿيو آهي، جيڪو بيانئي ۾ تبديليءَ جو سبب بڻيو. اهم ڳالهه اها ته آخر ڊاڪٽر صاحب هن وقت جي چُونڊ ڇو ڪئي؟ اليڪشن ويجهي آهي. هڪ طرف ايس يو پي لانگ مارچ ڪيو. ٻئي طرف جي ڊي اي وارا جاڳيا آهن. ڇا ڪنهن جي اشاري تي اهڙو بيان آيو؟ يا پاڻ سوچي سمجهي ان نتيجي تي پهتو آهي؟

اهڙا سوال انڪري به ذهن ۾ اُڀرن ٿا، ڇو ته توهانکي ضرور ياد هوندو ويجهي ماضيءَ ۾ ايم ڪيو ايم به جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ پنهنجي سياسي حڪمتِ عمليءَ سميت سياسي نعرن ۾ تبديلي آندي هئي. نسلي سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو. پارٽيءَ جو نالو مهاجر قومي موومينٽ مان مٽائي متحده قومي موومينٽ رکيو ويو هو. بظاهر اها هڪ مثبت تبديلي هُئي پر سندن اصل نيت پنهنجو سياسي اثر ۽ طاقت ڦهلائڻ هو ته جيئن سنڌ سميت ملڪ جي ٻين قومن وٽ ووٽ واري مقبوليت حاصل ڪري سگهجي. ڇا ائين ٿيو؟ ها، وقتي طور اهو نظر آيو، ڇو ته ان کانپوءِ جلد ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽيءَ ۾ سنڌين کي به شامل ڪيو ويو هو، پر جٽاءَ نه ڪري سگهيو، ڇاڪاڻ ته ايم ڪيو ايم اها تبديلي دل سان ڪانه آندي هئي. سندن سياست جون ڏورُون “پِنڊيءَ” مان ڇِڪجن ٿيون! جنهن لاءِ هِي همراهه سنڌ ۾ رچايل پاور گيم ۾ صرف مهرا ٿي ڪم ڪن. ڇا قومپرستن جون ڏورون به ساڳين قُوتن جي هٿن ۾ اچي رهيو آهن جو قومپرستيءَ کان لاتعلقيءَ وارا  بيان ڏياري کين اقتدار جا خُواب ڏيکاريا وڃن ٿا؟قومپرستيءَ کان لاتعلقيءَ واري بيان جو وڌيڪ ڇيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. ڇا سنڌ ترقي پسند پارٽي به ايم ڪيو ايم وانگر پنهنجي سياست جو دائرو وڌائڻ چاهي ٿي؟ پنهنجو سياسي پيغام اُردو ڳالهائيندڙن سميت سنڌ ۾ رهندڙ ٻين مختلف قومن تائين پهچائڻ چاهي ٿي؟ جيڪڏهن ائين آهي ته ان ۾ بظاهر ڪا به خرابي ناهي، ڇو ته پ پ پ به اڳواٽ ساڳي سياسي حڪمتِ عملي تي هلي رهي آهي. ڏٺو وڃي ته ايس ٽي پي ۽ پ پ پ نظرياتي طور ويجهيون ٿي رهيون آهن. پوءِ پ پ پ سان مستقبل ۾ مقابلي جا گهٽ پر اتحاد جا وڌيڪ امڪان آهن.

ٻئي طرف قومپرست پارٽيون پ پ پ جي مخالف اتحاد جي ڊي اي ۾ ويٺل آهن، جن کي اهو طعنو ملي ٿو ته، اها ڪهڙي قومپرستي آهي، جنهن تحت جي ڊي اي جهڙي پليٽ فارم تان پيرن ۽ وڏيرن سان اتحاد ڪجي؟! وڌيڪ اهو ته ساڳيا پير مير وڏيرا پ پ پ ۾ به ويٺا آهن پوءِ هِي جي ڊي اي وارا قومپرست بهتر متبادل ڪيئن ٿيا؟ هڪڙن پيرن، ميرن ۽ وڏيرن کان اقتدار کسجي ٻين ساڳين ماڻهن کي مليو ته مجموعي طور سنڌين جي صحت تي هڪڙو اثر پوندو؟!

شايد اهڙن خيالن سبب سنڌ ۾ لڳاتار خراب حڪمرانيءَ باوجود پ پ پ پنهنجو اقتدار بچايو اچي. وڌيڪ اهو ته پ پ پ سنڌ جي عوام کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائي آهي ته، قومپرست “مٿين” جي اشاري تي سندن حڪومت کي ڪمزور يا ختم ڪرڻ لاءِ اوچتو متحرڪ ٿيندا آهن پر اڄڪلهه پ پ پ جي پنهنجي “مٿين قوتن” سان مٿو مٿي سان ياري پئي هلي. پر سنڌ ۾ اهو تاثر ڏيڻ ۾ ڪامياب ويا آهن ته، سندن “خدمتن” باوجود اسٽيبلشمينٽ کين دل سان قبول نٿي ڪري. اڄ به کين سنڌين جي جماعت سمجهي سندن رستا روڪ ڪئي پئي وڃي. مثال، ڪراچيءَ ۾ رات وچ ۾  زوري فيصلو ڪري بلدياتي چونڊون ڪرايون ويون پر جڏهن پ پ پ اڪثريت سان سيٽون کٽيون ته خاموشي ڇانئجي وئي ته جيئن متان پ پ پ جو جيالو ڪراچيءَ جو ميئر  ٿئي. پ پ پ مڪمل وفاق پرست سياسي جماعت هجڻ باوجود سنڌي قومپرستيءَ جو ڪارڊ وڏي مهارت سان استعمال ڪيو اچي. اهو ئي سبب آهي جو  پ پ پ جي  خرابي حڪمرانيءَ جا بري طرح ستايل هجڻ باوجود سنڌ جو عوام قومپرستن کي متبادل طور نٿو ڏسي. پر حقيقت اها آهي ته پ پ پ هجي يا پارليامينٽ جي سياست، قومپرست پارٽيون سڀني جا، “مٿين قوتن” سان رابطا آهن، ڇو ته اها زميني حقيقت آهي ته انهن جي آشيرواد کانسواءِ اقتدار نٿو ملي سگهي. تنهنڪري، اهڙا رابطا رکڻ ٻنهي ڌرين جي مجبوري آهي. فرق اهو آهي ته “مٿين قوتن” کان اها ڌُر پنهنجون وڌيڪ ڳالهيون مڃرائيندي، جنهن وٽ وڌيڪ سياسي طاقت هوندي.

قومپرستيءَ کان وطن پرستي وارو سياسي طور موقف درست آهي پر هِي وقت مناسب ناهي، ڇو ته قومپرست جي بيانئي کان رياست خفا رهي ٿي. ڇاڪاڻ ته ان ۾ سنڌ سان ناانصافيءَ جي ڳالهه آهي. قومپرست اليڪشن جي سياست ۾ ڀلي ڪامياب نه هجن پر سياسي بيانيو جوڙڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيا آهن، جو اڄ پ پ پ به سنڌ سنڌ ڪرڻ تي مجبور آهي. تنهنڪري، رياست هلائيندڙ طاقتن جي خواهش رهي آهي ته، قومپرست پنهنجي بيانئي تان هٿ کڻن. سياست جي مين ڌارا ۾ شامل ٿين. لاتعلقيءَ وارو بيان هن پسمنظر ۾ محسوس ٿيڻ سبب سخت ردعمل آيو، ڇو ته ماڻهن سمجهيو قومپرستيءَ واري بيانئي کي خطرو لاحق ٿيو آهي. بهرحال، سياسي بيانيو تبديل ٿئي يا پارٽي/پارٽيون ئي وڃي سنڌ نيشنل فرنٽ وانگر وڏين ملڪي سياسي پارٽين ۾ ضم ٿين پر سنڌي قومپرستيءَ وارو بيانيو ڪمزور ٿيڻ بدران وڌيڪ مضبوط ٿيندو، جيتري تائين سنڌ کي پنهنجا حق نٿا ملن.

[email protected]