قومپرستيءَ بابت ڪجھ اهم نقطا

0
117
قومپرستيءَ بابت ڪجھ اهم نقطا

  جڳ مشھور بيٺڪيت مخالف قومي آزاديءَ جو مفڪر ۽ مارڪسوادي فرانز فينن پنھنجي ڪتاب “ريچڊ آف ارٿ” ۾ بيٺڪيتن اندر قومپرستيءَ بابت لکيو آهي.”قومپرستي غلام بيٺڪيتي قوم جو مجموعي قومي شعور آهي. قومپرستي سياسي پروگرام يا نظريو ناھي پر اھڙو خوبصورت ڀجن ۽ گيت آھي، جيڪو غلام قوم کي سامراجن خلاف ويڙھائيٿو پر اڪثر آزاديءَ کانپوءِ اھاقومپرسرتي ڇڙوڇڙ ٿيويندي آھي. جيڪڏهن قومپرستي يا قومي شعور سماجي معاشي ۽ سياسي شعور يا پروگرام ۾ تبديل نٿو ٿئي،جيڪڏهن انقلابي ليڊرشپ ان کي ٺوس انقلابي پروگرام ۾ تبديل نٿي ڪري ته حقيقي قومي تشڪيل ۽ حقيقي آزادي  ممڪن ناهي. اها قوم پسمانده ٿي قبائلي ۽ نسلي ئي رهندي. غلام قومن جي بورجوا يا وڏيرڪي قيادت قومپرستي يا قومي شعور کي روايتي پڻي، علامتن، جهنڊي ۽ نعري تائين محدود رکندي آهي “.

                 لينن 1919ع ۾ اوڀر جي ڪميونسٽن سان خطاب ۾ چوي ٿو: ”سرمائيداري ۽ سامراجيت خلاف عالمي انقلاب صرف انقلابي مزدورن جي پنهنجي بورجوازي تي فتح سان ممڪن ناهي (يعني طبقاتي انقلاب) پر مظلوم قومن جي بيٺڪيت خلاف آزاديءَ جي تحريڪ (قومي تحريڪ) جي ساٿ سان ممڪن آهي.“ اڳتي لينن چئي ٿو ته، ”توهان کي بورجوا قومپرستيءَ تي ڀاڙڻو پوندو، جيڪا انهن خطن اندر اڀري رهي آهي ۽ وڌڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان جي  اُڀرڻ جو تاريخي بنياد آهي پر ساڳئي وقت توهان پنهنجي اوڀر جي عوام کي پنهنجي ٻولي ۽ اصطلاحن ۾،جيڪي هو سمجهي سگهن،اهو ضرور سمجهايو ته، آخري نجات عالمي انقلاب آهي.“قومپرستي سنڌ جي فڪري ۽ سياسي حلقن ۾ وڏي شديد بحث ۽ مقالمي جو موضوع رھيو آھي ۽ گذريل ڪجھ ڏينھن کان ٻيھر سوشل ميڊيا تي ان موضوع تي بحث ھلي رھيو آھي. جيتوڻيڪ سوشل ميڊيا تي ھلندڙ ھاڻوڪي بحث کي مان بلڪل غير نظرياتي بحث سمجھان ٿو پر ساڳئي وقت اھو ضروري سمجھان ٿو ته، قومپرستيءَ بابت پنھنجي مختصر فڪري راءِ پڙھندڙن اڳيان رکان. ڪلاسيڪل مارڪسزم ۾ قومپرستي کي ھڪ خاص نظريو ڪري پيش ڪيو ويو آھي، جيڪو ڪنھن به  قوم اندر اسرندڙ سرمائيدار يا مڊل ڪلاس جو نظريو ھوندو آھي ۽ ان نظريي جو مقصد پنھنجي قوم کي جديد سيڪيولر قومي رياست ۾ تبديل ڪرڻ ھوندو آھي. جيئن 18 ۽ 19 هين صديءَ ۾ يورپ اندر مڊل ڪلاس فرانس، جرمني، اٽلي، آمريڪا اندر قومپرستي جي نظريي تحت جديد قومي رياست جو بنياد رکيو. قومپرستيءَ کي وڌيڪ اھڙي نظريي طور بيان ڪيو ويندو آھي، جيڪو دنيا جي بنيادي سياسي  تنظيم قومي رياست کي ئي ڏسڻ چاھي ٿو. اھو ساڳيو نظريو جنھن تحت يورپ اندر قومي رياستون ٺھيون، ويھين صديءَ ۾ اھي رياستون جڏھن سامراج جي شڪل ۾ آيون ته  قومپرستي جي نظريي شاونزم ۽ فاشزم جي صورت اختيار ڪئي. نتيجي ۾ قومرپرستي ڪڏھن ترقي پسند ٿيندي آھي ته  ڪڏھن رجعتي ۽ فسطائي ٿيندي آھي. ساڳيءَ طرح ويھين صديءَ ۾ بيٺڪيتي مخالف سامراج مخالف قومپرستيءَ کي بهترقي پسند سمجھو ويو. ان ڪري مارڪسوادين جو خاص حالتن جھڙوڪ، قومي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ترقي پسند قومپرستن سان سياسي اتحاد ته  ٿي سگھي ٿو پر مارڪسزم ۽ قومپرستي نظرياتي طور ھڪ ٻئي جا مخالف آھن. ڪلاسيڪل مارڪسزم جي  قومپرستيءَ جي اھا تشريح آخري نتيجي ۾ قومپرستي کي ھڪ بورجوا نظريو ڪري پيش ڪري ٿي، جنھن سان مارڪسزم جو نظريي طور سخت اختلاف آھي. مارڪسزم ۽ قومپرستي جو نظرياتي ميلاپ ممڪن ناھي ۽ ھڪڙن مارڪسوادين (ٽراٽسڪائٽن) وٽ ته  قومپرستي ھڪ گار ۽ زھر قاتل آھي. سنڌ ۾ به  قومپرستي جي اھا ئي تشريح حاوي آھي.

ڪلاسيڪل مارڪسزم جي قومپرستيءَ بابت اھا سمجھ گھڻ حوالن سان محدود ۽ خاص يورپي قومپرست تحريڪن جي پيرائي مان ڦٽل آھي. جيڪڏھن اسان بيٺڪيت مخالف قومي تحريڪن جي ارتقا کي پڙھون ٿا ته، اسان قومپرستيءَ کي وسيع دائري ۾ ڏسون ٿا. فرانز فينن جي لفظن ۾ قومپرستي غلام قوم  جو  مجموعي قومي شعور ۽ قومي نجات جو مجموعي احساس آھي، جيڪو پنھنجي جوھر ۾ گھڻ طبقاتي ۽ گھڻ نظرياتي ٿئي ٿو. قومپرستي  ھڪ مخصوص نظريو ناھي، بلڪه گھڻ طبقاتي ۽ نظري سياسي ڳانڍاپي جڙت Articulation/Formation جو نالو آھي. جيئن ته  قومپرستي گھڻ طبقاتي ۽ نظري جڙت /آرٽيڪيوليشن آھي ۽ مجموعي قومي شعور ۽ احساس آھي، ان ڪري غلام قوم اندر ھر طبقو ۽ نظريو ان سان جڙت جوڙي ان کي پنھنجي رنگ ۾ ڍالڻ چاھيندو آھي. مثال: انڊين نيشنلزم جو مثال وٺجي ته، ھندوستان جي قومي تحريڪ  ۽ قومپرستي ۾ سوارڪر ۽ پٽيل جو به  نيشنلسٽ لاڙو ھو، جيڪو قوم کي ڪنھن ”اوائلي جوهر: Primodialessence“ جي بنياد تي ڏسي ٿو ته  ھندوستاني قوم جو اصل جوھر آريا نسل ۽ ڪلچر آھي ۽ بعد جا ڪلچر ۽ روايتون ان قوم جي جوھر ۾ بگاڙ آھن. نتيجي ۾ اھڙي قومپرستيءَ جي لاڙي جو مقصد مجموعي قومي تحريڪ کي نسلي ۽ فسطائي رنگ ڏئي اڪثريتي آريا /ھندو بنياد تي بيھاري اقليتن کي چِيڀاٽڻ ھجي ٿو پر ان ئي ھندوستاني قومپرست تحريڪ ۾ نھرو بوس يا ڀڳت سنگھ جو به  لاڙو آھي، جيڪو قوم کي وطني مفادن ۽ شھريت citizenship جي بنياد تي بيان ڪري ٿو ته، ھر اھو ماڻھو قوم جو برابر شھري آھي، جيڪو وطن جي مفادن کي پنھنجو ڪري ٿو ۽ ڀڳت سنگھ ته  قومي آزاديءَلاءِ وڙھندي قومي تحريڪ کي سوشلسٽ پروگرام سان جوڙي ٿو، ڇاڪاڻ تهھن مطابق اھا آزادي اڻپوري آھي، جنھن ۾ پورھيت جي نجات ۽ سامراج کان ھر صورت ۾ نجات حاصل نٿي ٿي. ائين سنڌ اندر ڏسجي تهسنڌ جي قومپرستي۽ علامتن کي ھڪ وڏيرو ۽ انتھاپسند به پنھنجي مفاد ۾ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جنھن کي اسان ”سنڌ ڪارڊ“ چوندا آھيون ۽ ساڳئي وقت سنڌ جي قومپرستي ترقي پسند سامراج مخالف آزادي پسند لاڙو رکندڙ ابراھيم جويي ۽ سائين جي ايم سيد جي به  قومپرستي آھي. قومپرستي ان مولوي صاحب جي به  آھي. جيڪو سنڌ کي “باب الاسلام” ۽ ڪالاباغ ڊيم کي حرام قرار ڏئي ٿو ۽ قومپرستي حيدربخش جتوئي جي ھاري پورھيت آزادي جي بنياد تي “جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ” واري به  آھي.

جيئن ته  قومپرستي گھڻ طبقاتي ۽ نظري ڳانڍاپي ۽ قومي احساس جو نالو آھي، ان ڪري قومپرستي يا قومي تحريڪ جو مجموعي توازن ڪھڙي پاسي بيھي ٿو، اھو دارومدار ان تي آھي ته، قومي تحريڪ اندر ڪھڙو لاڙو حاوي لاڙو ٿئي ٿو. ان ڪري جڏھن ھوچي منهه کان جڏھن ڪنھن ھندوستانيءَ پڇيو ته، ويتنام ۾ ڪميونلزم جي سياست يا مسلم ليگ يا آر ايس ايس ڇو نه آھي، تهان تي ھوچي منھ جواب ڏنو ”اوھان (ھندوستان) وٽ گانڌي آھي ۽ ويتنام ۾ مان گانڌي آھيان!“.اھا ئي ڳالھ لينن مٿي رکيل خطاب ۾ اوڀر جي ڪميونسٽن کي سمجھائي رھيو آھي ته، توھان بيٺڪيتي۽ جديد بيٺڪيتي غلام قومن ۾ مجموعي قومپرست تحريڪ جو حصو آھيو، ڇاڪاڻ ته اھا گھڻ طبقاتي گھڻ نظري جڙت آھي ۽ اوھان کي ان مجموعي قومي شعور کي پنھنجو ڪري ان تي ھيجيمني قائم ڪرڻي پوندي ۽ ان کي نعري مان بدلائي انقلابي پروگرام ۽ حڪمت عملي ۾ تبديل ڪري آزادي کي سوشلزم ۽ عالميت سان جوڙڻو پوندو. اسان ڏسون ٿا تهپوري ويھين صديءَ جا انقلاب چين کان گني بسائو تائين لينن جي ان ڳالھ جي ثابتي آھن. بيٺڪيتن اندر قومپرستيءَ بابت آخري اھم نقطو اھو آھي ته، يورپ اندر جيئن قومپرستيءَ جي شروعات اسرندڙ مڊل ڪلاس ڪئي، ائين بيٺڪيتن اندر قومپرستي جي شروعات قبائلي ۽ ھاري شڪل ۾ ٿئي ٿي، جيڪا پرتشدد ھجي ٿي ۽ مڊل ڪلاس قومپرستي جو فيز بعد ۾ ھجي ٿو. انڊيا ۾ 1857ع جي جنگ جو مثال ھجي يا سنڌ ۾ حر تحريڪ ۽ روپلي ڪولھي جو مثال ھجي، انھن لڙاين جو دور پھريان اچي ٿو ۽ بعد ۾ اسان کي ڪانگريس يا سنڌ ۾ بمبئي کان عليحدگيءَ جي روشن خيال طبقي جي آئينيت پسند قومپرستي جي شروعات ملي ٿي. اھو نقطو اھمآھي، ڇاڪاڻ ته تاريخي طور  بيٺڪيتن اندر قومپرستيءَ جا اھي ٻه دائرا رھيا، جيڪي ھڪ ٻئي کان الڳ سفر ڪن ٿا ۽ جن قومي تحريڪن اندر روشن خيالمڊل ڪلاس پنھنجي ھاري semi proletariat ۽ قبيلن جي پرتشدد قومپرستي سان ڳانڍاپو جوڙيو، اتي قومي آزادي عوامي ۽ انقلابي صورت ۾ آئي. ان ڪري ويھين صديءَ جا انقلاب چين کان ويندي ڪوريا تائين، جتي ڪميونسٽن جي اڳواڻيءَ ۾  قومي آزاديءَ جا انقلاب ھئا، اُتي اھي ساڳئي وقت ھاري  انقلاب پڻ ھئا. اھي سڀ نقطا اسان کي سمجھائين ٿا ته، بيٺڪيتن اندر قومپرستيءَ جي ارتقا يورپ کان گھڻن معنائن ۾ مختلف آھي.