قومي ۽ صوبائي تضاد

0
354
برباد-سنڌ-جي-جياپي-جو-سوال

 سينيٽ ۾ نون صوبن  يعني ٻه نوان صوبا پنجاب کي ٽوڙي هڪ ڏکڻ پنجاب ۽ ٻيو بهاولپور نالي ٺاهڻ جي لاءِ هڪ بل نون ليگ جي ميمبر رانا محمود الحسن پيش ڪيو بل جي حمايت پ پ پ ڪري ڇڏي جو يوسف رضا گيلاني هي به چيو ته اسان پهريان ڏکڻ پنجاب صوبي جي لاءِ بل سادي اڪثريت سان پاس ڪرايو هو بل جي اڻ سڌيءَ طرح سان مخالفت ڪندي پي ٽي آءِ جي شاھ محمود ۽ علي محمد خان چيو ته “ ڪجھه مسئلا آهن ڏکڻ پنجاب جي حق ۾ اسان به آهيون” سينيٽ ۾ جي يو آءِ جي ميمبر هي موقف اختيار ڪيو ته هي ايترو سادو معاملو ناهي ڇو ته سينيٽ ۾ صوبن جون سيٽون برابري جي بنيادن تي ٿين ٿيون تنهن ڪري معاملو وڌيڪ پيچيدا ٿيندو. جي يو آءِ جي ميمبر جي خيال مطابق موجوده پنجاب جي ٽن صوبن ۾ ٿيڻ سان سينيٽ ۾ هن جي حيثيت ٽيڻ تي ٿي ويندي. اهو ايواني سياست جي اٿل پٿل ۾ انهن جو موقف آهي ڇو ته پنجاب بهاولپور ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ جي يو آءِ جي سياسي پوزيشن ايتري سگھاري ناهي جيتري ڪي پي  ۽ بلوچستان ۾. پوري اسيمبليءَ مان ۽ خاص ڪري ن ليگ جي ميمبر مشاهدالله سيد بل تي اعتراض واريندي چيو ته“نوان صوبا ٺاهڻ وارو معاملو هڪ پنڊورا باڪس هوندو تنهن ڪري مان پنهنجو اختلافي نوٽ شامل ڪرائيندس ” يعني مشاهد حسين بل جي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ کان هٽي ڪري دور انديشاڻو رايو ڏنو.

اسان سڀني کي خبر آهي ته مشاهد حسين  سينٽ ۽ نيشنل اسيمبلي جي انهن ٿورڙن يا پارٽي جي مٿي صفن ۾ انهن ٿورڙن ماڻهن مان هڪ آهي جيڪي پڙهيل لکيل هجڻ سان گڏوگڏ دانشوري به رکندا آهن. اقتدار جو جھولو ته فرد کي مزا وٺرائي ٿو ۽ ڪيترائي فرد ان وقت ئي ان سحر جو شڪار ٿي پنهنجي شعوري سوچ کان ٿڙي ويندا آهن ڀلي مشاهد ماضيءَ ۾ ق ليگ سان جڙي ويو پر هن جي شعوري سگھه ۽ تجزيا پنهنجي الڳ حيثيت رکن ٿا. پاڻ ان حقيقت کي ٺيڪ طرح سان سمجھون ٿا ته اسيمبلي ميمبرن جي مٿان پارٽي پاليسي هر وقت غالب رهي آهي، ها البته هو پارٽين سان گيم بازي لڪل ۽ ٻين طريقن سان ڪرڻ جا ماهر رهيا آهن تنهن ڪري هنن جي پنهنجي اظهار جي ۽ تجزيي جي عادت گھٽ ئي رهي آهي. هو اڪثريتي قانون سازيءَ جا اهي طوطا آهن جيڪو سبق سٽون ۽ جملا کين پڙهايا ويندا آهن انهن ۾ هڪ حصو انهن جو به آهي جيڪي پنهنجي ذاتي خوشامدي پوائنٽ اسڪورنگ ۾ ڪمال درجي جي ڊگري رکندا آهن. تنهن ڪري پارٽين جي اندر حساس مسئلن تي ڪڏهن به سنجيدگيءَ سان تجزيو ۽ بحث ناهي ٿيندو ۽ نه ئي پارٽي جي ليڊرن کي هن ملڪ جي عوام سان محبت ۽ پيار آهي. هنن کي جيڪڏهن عوام سان ڪو لاڳاپو آهي ته صرف اهو ووٽ حاصل ڪرڻ جي گيم بازيءَ جو رهيو آهي. پاڻ هي به تسليم ٿا ڪريون ته تمام پارٽين جي اندر الاهي سارا پڙهيا لکيا ۽ دانشور موجود آهن پر انهن جو شعور انهن جي ڏاهپ پارٽي ليڊرشپ جي لاءِ ان وقت ڪم ايندي آهي جڏهن ڪنهن خاص مسئلي تي انهن جي وڪالت کين گھربل هوندي آهي، باقي هو صرف پارٽين ۾ ڏيکاءَ جا ڪردار آهن انهن جي ضرورت پارٽين ۾ وڌيڪ ناهي هوندي.

پاڪستان وجود ۾ اچڻ سان گڏوگڏ قومي ۽ صوبائي سوال جي تضادن ۾ الجھيل رهيو آهي هن ملڪ ۾ صوبا اتنظامي يونٽ هجڻ جي بجاءِ قومي وحدتن جا سمبل رهيا آهن. پاڪستان جي اندر قومن جي سڃاڻ ۽ انهن جي حيثيت اسٽيٽس جي بنيادن تي ڏيڻ جي بجاءِ صوبن جي نالي سان پيش ڪئي وئي ڇو ته پهرين ڏينهن کان وٺي اهو تسليم ئي ناهي ڪيو ويو ته پاڪستان هڪ گھڻ قومي رياست آهي. اهڙي رياست جنهن ۾ قومن جا تضاد مسلسل ٽڪراءَ ۾ رهندا آيا هجن جابر ۽ مظلوم قومن جو اصطلاح هر وقت بحث ۾ رهيو هجي ۽ اهو ئي تضاد گڏيل پاڪستان جي ٽٽڻ جو بنياد رهيو. اڄ به بچيل پاڪستان جي اندر باربار اهو ٽڪراءَ مرڪز سان پيدا ٿيندو رهي ٿو. ننڍين ۽ وڏين قومن جو تضاد خاص طور تي پنجاب جي حوالي سان گھڻو بحث ٿي چڪو آهي ته پنجاب هڪ وڏي قوم هجڻ جي ڪري ننڍي قومن جو استحصال ڪري ٿو، تنهن ڪري جڏهن به مظلوم قومن يعني ننڍين قومن جو ٽڪراءُ ٿئي ٿو ته سڌي تنقيد گڏيل پنجاب تي ٿيندي آهي ۽ اها ڌارا وڌندي مظلوم طبقن کي هڪ ٻئي جي خلاف آڻي ٿي ڇڏي.

گھڻي عرصي کان ڏکڻ پنجاب صوبي جو مطالبو سرائيڪي آبادي جي طرفان ٿيندو رهي ٿو، هاڻي سوال هي آهي ته هن ملڪ ۾ صوبا انتظامي بنيادن تي وجود ٿا رکن يا قومي بنيادن تي؟ جيڪڏهن انتظامي بنيادن تي ته انهيءَ ۾ خودمختياريءَ جو سوال ثانوي حيثيت اختيار ڪري ويندو ڇو ته انتظامي اختيار ۽ قومي خودمختياري ۽ قومن جا حق بلڪل هڪ ٻئي کان تمام گھڻا وٿيرڪا آهن. هڪ قوم جي اندر جيڪڏهن انتظامي بهتري جي لاءِ الڳ صوبا ٺاهيا وڃن ته انهن ۾ قومي ورڇ نه ٿيندي پر انتظامي ڍانچو جڙي سگھي ٿو پر جتي صوبا قومن جي تصور ۽ بنيادن تي پيش ڪيا ويا هجن اتي صوبا ٺاهڻ جو مطلب ان قوم جي ورڇ جي برابر ٿيندو. هر خطي جي تاريخ ۽ تضاد تاريخي ارتقا ۾ الڳ الڳ بنياد رکن ٿا، بيشڪ پنجاب پنهنجي ارتقائي بنيادن تي سرائيڪي ۽ پنجابي ورڇ ۾ ايندو هجي. مان هن وقت به ان نقطي جو قائل آهيان ته هڪ قوم جي اندر ننڍا ننڍا ثقافتي ۽ ٻولي جي بنيادن تي قوميتي گروھه هوندا آهن انهن قوميتي گروهن کي ڪڏهن به قوم نٿو چئي سگھجي.

سرائيڪي هڪ قوم نه پر هڪ قوميتي گروھه آهي پر انهيءَ کان وڌيڪ هن ملڪ جي تاريخ ۾ ڪجھه اهڙيون حقيقتون به اسان جي آڏو موجود آهن، جيئن بلوچستان جيڪو بلوچ ۽ پختون آبادي تي مشتمل آهي ( ڀلي چڱو خاصو حصو سنڌين جو به آباد آهي ) انهن ۾ پختون آبادي ڪوئٽه ۽ پشين جو حصو برطانيه جي دور ۾ افغانستان کان ڪٽي بلوچستان ۾ شامل ڪيو ويو، جنهن کي برٽش بلوچستان جو نالو ڏنو ويو هو پر هاڻي هو گڏيل فريم ۾ اچي چڪو آهي ڀلي قومي ارتقائي بنيادن تي الڳ الڳ هجي پر جاگرافيائي ۽ سياسي لحاظ کان هنن جا مفاد گھڻي ڀاڱي هڪ ٻئي سان جڙي چڪا آهن پر جيڪڏهن ڪنهن مرحلي تي اچي هڪ لڪير ڪڍن ٿا ته ايڏو وڏو تضاد نه ٿيندو. اهڙي طرح سان ڪي پي  جي اندر هزاره آباديءَ جو مطالبو به صوبي گھرڻ جي حوالي سان رهندو آيو آهي پر پنجاب جي صورتحال کي سياسي پارٽيون جنهن نگاھه سان ڏسن ٿيون اهو سولو ناهي ڇو ته پنجاب ۾ سرائيڪي تاريخ جي هڪ دور ۾ آباد ٿيا ۽ وڌيا.

پنجاب جي اندر هي انتظامي يونٽ شايد ايترو تضاد جو سبب نه بڻجي پر صوبن ٺاهڻ جو مطالبو ۽ عمل اهڙن تضادن کي جنم ڏيندو ان جو سڌي طرح اثر سنڌ تي پوڻ ٿيندو ۽ اها لابي جيڪا سنڌ ۾ الڳ صوبي جي گھر ڪندي رهي آهي انهيءَ جي تعصبي ۽ نسلي مرندڙ سياست ۾ هڪ وڌيڪ جان پئجي ويندي ۽ پوءِ وقت بوقت اهو مطالبو هڪ رڳو مطالباتي تحريڪ تائين نه رهندو پر خانه جنگي ۾ تبديل ٿي ويندو ۽ خانه جنگي جي صورتحال پيدا ٿيڻ کان پوءِ حالتون ڪٿي پهچن ٿيون انهي کي سمجھڻ ڏکيو ناهي. تنهن ڪري هتي جيستائين قومن جي برابري حقن جو تضاد حل نه ٿو ٿئي جمهوريت پنهنجي مڪمل خود مختياري سان ۽ شفافيت سان بحال نٿي ٿئي موجود قومن جي تمام معاشي ۽ سياسي حقن جي حاصلات نٿي ٿئي ان وقت تائين اهڙي قسم جا تضاد اڀارڻ يا نوان صوبا ٺاهڻ ڪنهن به لحاظ کان هن ملڪ جي لاءِ ۽ جمهوريت جي لاءِ بهتر ناهن، ڇو ته صوبائي تضاد جمهوري تحريڪن کي وڌيڪ ڪمزور ڪندا.

هن ملڪ جا حڪمران جن هر وقت ويڙهايو ۽ حڪومت ڪيو جي حرڪتن ۾ ماهر رهيا آهن بلڪل اهڙي طرح جيئن انگريزن هن خطي ۾ ويڙهايو ۽ حڪومت ڪيو جي پاليسي اختيار ڪري هتان جي عوام کي لاشن جا ڍير ڏنا ۽ اها گيم هن وقت تائين انگريزن جي ڪک مان پيدا ٿيل سياستدان ۽ بيوروڪريٽس هلائيندو ٿو اچي، تڏهن اياز چيو “ اٿ او چارلس نيپئير، پنهنجا پونئر ڏس، گورا توکي جس ڪارا ڄڻئي ڪيترا”. پاڪستان جي اندر صوبن جو معاملو انتظامي کان وڌيڪ قومي ۽ لسانياتي بنيادن تي ٽڪراءَ پيدا ڪندو رهندو تنهن ڪري باشعور ۽ عوام دوست ڌڙن کي ان تضاد ۽ ان جي نقصان کي سامهون رکي ڪري پنهنجي راءِ ڏيڻ گھرجي. ن ليگ ۽ پ پ پ توڙي جو هي سمجھي به ٿي ته سينيٽ ۾ بل آڻڻ سان معاملو نتيجي تي نه پهچندو پر پوءِ به پي ٽي آءِ يعني عمران خان کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ جنهن اليڪشن کان پهريان 100 ڏينهن ۾ بهاولپور ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ صوبن ٺاهڻ جو بيان ڏنو انهي کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ اها کيچل ڪن ٿا پر هو ان جي اثرات ۽ ٽڪرائن کان لاپراوھه آهن جنهن جو اثر وڌ کان وڌ سنڌ تي پوندو ۽ سنڌ ڀوڳيندي. جيڪڏهن معاملو انتظامي سهولت جو آهي ته پوءِ ڊويزن ۽ صوبن کي سڌاريو وڃي ۽ هر ڊويزن ۾ صوبائي سيڪريريٽ جو سروس ونڊو هجي بهترين ڪارڪردگي سان انتظامي بهتري اچي سگھي ٿي انهيءَ جي بجاءِ عوام کي الجهائڻ جي حرڪت صرف هي ظاهر ٿي ڪري ته انهن کي ڪا به انتظامي بهتري ۽ پبلڪ سروس ناهي ڏيڻي.