ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ٽي 20 ڪپ ۾ شرجيل خان 60 بالن تي مختصر فارميٽ ۾ پنهنجي پنجين سينچري اسڪور ڪئي. قومي ٽي 20 ڪپ ۾ سنڌ بلوچستان کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏني، سنڌ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 159 رنز جو هدف حاصل ڪيو. شرجيل خان 62 بالن تي ناقابل شڪست 107 رنز ٺاهيون جنهن ۾ 4 ڇڪا ۽ 13 چوڪا به شامل هئا. ناڪام سائيڊ 4 وڪيٽن تي 158 رنز ٺاهيون عبدالواحد بنگلزئي 67 رنز ٺاهي نمايان رهيو.