لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي ٽيسٽ رانديگر اسد شفيق چيو آهي ته قومي ٽيم ۾ واپسي منهنجي لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو نه آهي، قسمت ساٿ ڏنو ته واپس اچي سگهان ٿو. تفصيل موجب هن چيو ته جيڪڏهن مان خوش قسمت آهيان ته مان ٻيهر پاڪستان لاءِ کيڏندس. پاڪستان لاءِ واپسي منهنجي لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو ناهي. اسد شفيق چيو ته ماڻهو دفاعي انداز رکڻ تي مصباح الحق کي تنقيد جو نشانو بڻائيندا هئا، پر هر ڪپتان جو الڳ پلان هوندو آهي، هن جو خيال هو ته اسان کي اپوزيشن جي غلطي جو انتظار ڪرڻ گهرجي. اسد شفيق چيو ته شاهد آفريدي کي ڪڏهن به دٻاءَ ۾ نه ڏٺو، ڇو ته اهو ٿڌي موڊ ۾ قيادت ڪندو هو. هن پنهنجي فيوريٽ رانديگر سچن ٽنڊوالڪر بابت ٻڌايو ته مان هن جون تصويرون پنهنجي الماڙي ۾ رکندو هيس. پر جڏهن پيشيوراڻو ڪيريئر شروع ڪيو ته محمد يوسف جي پيروي ڪندو هيس. محمد يوسف جنهن سال ٽيسٽ ۾ رڪارڊ ٺاهيو مان هن جون سموريون اننگز ڏٺيون.