ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم راندين جي ميدان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي به ڇانئجي ويو.آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي موجود بابر اعظم جي تصديق ٿيل ٽوئيٽر اڪائونٽ تي فالوئرز جو انگ 2 ملين ٿي ويو آهي.ان کان اڳ عماد وسيم ٽوئيٽر تي 20 لک فالوئر رکندڙ پاڪستاني رانديگر هو، جڏهن ته هاڻ بابر اعظم به اهو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.