هراري(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽيم اڄ کان هراري ۾ ٽريننگ شروع ڪري رهي آهي، قومي ٽيم جي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ ڪليئر اچي وئي آهي. پاڪستاني ٽيم ڏکڻ آفريڪا جو ڪامياب دورو مڪمل ڪرڻ بعد زمبابوي ۾ ديرا ڄمائي ورتا آهن. ڪورونا وائرس ٽيسٽ ڪليئر اچڻ بعد اڄ کان گرين ڪيپ هراري ۾ ٽريننگ پروگرام شروع ڪندي. پاڪستان ڪريڪٽ ٽيم جي ميڊيا مينيجر موجب اسڪواڊ جي ڪورونا 19 ٽيسٽنگ ڪليئر آئي آهي، اهڙي ريت اسڪواڊ اڄ کان زمبابوي جيو قت موجب منجهند ڏيڍ وڳي ٽريننگ شروع ڪندو. پاڪستان ۽ زمبابوي جي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچز 23 ۽ 25 اپريل تي کيڏيون وينديون، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچز جي سيريز 29 اپريل کان شروع ٿيندي. ان کان اڳ پاڪستاني ٽيم ڏکڻ آفريڪا ۾ ون ڊي سيريز 2 هڪ ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز ٽي هڪ تان پنهنجي نانءُ ڪري چڪي آهي.