حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو، سينيٽر تاج حيدر ۽ پيپلزپارٽي سنڌ جي اطلاعت  سيڪريٽري عاجز ڌامراهه قاسم آباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان سندس رھائشگاھ تي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران اڳواڻن سنڌ سميت ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ جي عوام کي افغانين جي آمد بابت سخت خدشا آهن جڏهن ته وفاقي ادارن مان سنڌ جي هزارين ملازمن کي نيڪالي ملڻ بعد اهي به بحالي لاءِ سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن جن کي قومي عوامي تحريڪ خاطري ڪرائي آهي ته هو افغانين جي امڪاني سنڌ آمد، ادارن مان نيڪالي ڏنل ملازمن جي ٻيهر بحالي، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ زمينن تي والار خلاف پهرين سيپٽمبر کان پهرين آڪٽوبر تائين پورو مهينو گڏيل طور جدوجهد ڪندي.  اياز لطيف پليجو چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏھاڪن کان سازش تحت سنڌ جي ماڻھن کي پنھنجي ھزارين سالن جي تاريخي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي منصوبي تي تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي ان لاءِ سنڌ حڪومت فوري طور وفاق سان ڳالھائي افغان پناهگيرن کي سنڌ ۾ ترسائڻ کان صاف انڪار ڪري ۽ اڳواٽ آيل پناهگيرن کي صوبي مان بيدخل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ڇاڪاڻ ته پناهگزينن جي اچڻ سان سنڌ سميت ملڪ جون معاشي حالتون خراب ٿينديون. گڏوگڏ دھشتگردي ۾ ٻيھر واڌ جو پڻ امڪان آهي ان لاءِ سنڌ جو وڏو وزير سنڌ جي سرحدي ضلعن سميت سمورن ضلعن جي ڊي سيز ۽ ايس ايس پيز کي حڪم جاري ڪري ته سندن  ضلعن ۾ ڪنھن به افغاني پناهگير کي اچڻ نه ڏنو وڃي جڏهن ته آيلن کي گرفتار ڪري فوري طور افغان بارڊر تي قائم ڪئمپن ۾ واپس موڪليو وڃي جڏهن ته وفاقي ادارن مان نيڪالي ڏنل ملازمن لاءِ پيپلزپارٽي قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ صوبائي اسيمبلي جا اجلاس طلب ڪري قراردادون آڻي ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ذريعي ان معاملي تي لارجر بينچ جوڙڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ صوبائي حڪومت پاران درخواست داخل ڪئي وڃي. قديمي ڳوٺن کي قبضن کان بچائڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي قانون سازي ڪندي ڪراچي توڙي حيدرآباد جا سمورا ڳوٺ پڪا ڪري ته جيئن اتي رهندڙ ڌرتي ڌڻين کي قانوني تحفظ فراھم ٿي سگهي. اياز لطيف پليجي اهو به مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت روينيو کاتي ذريعي جاچ ڪرائي ته ڪراچي کان ڪشمور تائين مين شاھراھن ۽ ھاءِ ويز تي ڪنھن جا قبضا ٿيل آھن جتي غيرقانوني طور پرڏيھين زمينون، پيٽرول پمپ، دڪان ۽ ھوٽلون ورتيون آھن. اياز لطيف پليجو چيو ته ڪوڙن ڊوميسائيلن ذريعي سازش تحت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي بند ڪرائي سنڌ جي ھزارين نوجوانن تي نوڪرين ۽ مستقبل جا دروازا بند ڪرايا ويا آھن. بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاھ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کولرائڻ لاءِ ڪوڙا ڊوميسائل فوري طور رد ڪرائين. سنڌ حڪومت جا وزير، ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ سينيٽرز اسلام آباد ۾ پارليامينٽ ۽ ارسا آڏو سنڌ جي زندگي ۽ موت جي مسئلي پاڻي خاطر ڌرڻو ھڻي اثرائتو احتجاج ڪن ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ارسا چيئرمين خلاف پٽيشن داخل ڪرائي وڃي. پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو اياز لطيف پليجو کي مخاطب ٿيندي چيو ته پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي جنهن ڪڏهن به عوام جي حقن تي سويبازي نه ڪئي آهي ۽ هاڻي پاڻي جي مسئلي جو واضح موقف آهي ته پنجاب ارسا چيئرمين جي مدد سان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو پيو هڻي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.