ميرپوربٺورو (ن پ ا) قومي عوامي تحريڪ پاران ڊجيٽل آدمشماري ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف 19 مارچ تي جھوڪ شريف کان ميرپوربٺورو تائين پيادل مارچ جو اعلان ڪيو ويو آهي،  ان حوالي سان  قومي عوامي تحريڪ ضلعي سجاول جو اجلاس ضلعي صدر پنھل سولنگي جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ مرڪزي ترجمان اشرف پليجو خصوصي طور شرڪت ڪئي اجلاس  ۾ فيصلو ڪيو ويو ته  سنڌ دشمن ڊجيٽل آدمشماري، مھانگائي، پاڻي ۽ وسيلن تي ڌاڙي خلاف 19 مارچ تي صوفي شاھ عنايت شهيد جي مزار جھوڪ شريف کان بٺورو تائين پيادل قومي مارچ ڪيو ويندو.