قومي عوامي تحريڪ پاران پاڻي کوٽ خلاف 10 جون کان مظاهرن جو اعلان

0
306

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف 10 جون کان 14 جون تائين سڄي سنڌ ۾ مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو. قومي عوامي تحريڪ جي ترجمان جي پڌرائي موجب سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ 4 ڏينهن لڳاتار مظاهرا ڪري ريليون ڪڍيون وينديون، بحريا ٽائون، پنجاب پاران سنڌ جي پاڻي تي راتاهو ۽ ڪرپشن ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.