قومي سلامتي جي سمورن پاسن تي پاليسي ھڪ بهترين قدم آهي: آرمي چيف

0
228
قومي سلامتي جي سمورن پاسن تي پاليسي
قومي سلامتي جي سمورن پاسن تي پاليسي ھڪ بهترين قدم آهي: آرمي چيف

قومي سلامتي پاليسي جي شروعات جي موقعي تي غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته پاليسي قومي سلامتي جي سمورن پاسن ۾ هڪ بهترين قدم آهي

اسلام آباد ۾ قومي سلامتي پاليسي جاري ڪرڻ واري تقريب ٿي جنھن ۾ وزيراعظم عمران خان، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ هٿياربند فوجن جي سربراهن جي شرڪت ڪئي

ان موقعي تي غير رسمي ڳالهه ٻولهه ۾ آرمي چيف چيو ته قومي سلامتي جي سمورن پاسن تي پاليسي هڪ بهترين قدم آهي

آرمي چيف چيو ته فوجي سيڪيورٽي قومي سلامتي جو هڪ پاسو آهي ۽ هي دستاويز قومي سلامتي کي يقيني بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو

ياد رهي ته تازو ئي ملڪ جي پهرين قومي سلامتي پاليسي جي منظوري ڏني وئي هئي

ھي بھ پڙھندا

آءِ ايم ايف وٽ مجبوري ۾ ويندا آھيون، شرطن جي لاءِ عوام مٿان بار وجھڻو پوندو آھي: وزيراعظم