اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي ڪاروائي لاءِ   ڪل 61 لکت ۾ سوال پڇيا ويا جن مان رڳو 7 سوالن جا جواب لکت ۾ پيش ڪيا ويا جڏهن ته 54 سوالن جا جواب پيش نه ڪيا ويا سوالن تي  ڪارروائي مشڪل سان 25 کان 30 منٽ هلڻ بعد ختم ٿي وئي.  شيخ روحيل اصغر چيو ته سوالن جا جواب نه ٿا اچن  ته پوءِ  وقت ڇو ٿو ضايع ڪيو وڃي، اسپيڪر راجا پرويز اشرف اسيمبلي ۾ سوالن جا جواب نه اچڻ تي ڪاوڙجي پيو ۽ چيو ته جن وزارتن جا جواب ٻيو ڀيرو نه آيا آهن انهن جي سيڪريٽرين کي طلب  ڪيو وڃي، اهو ايوان جو استحقاق مجروح ٿيو آهي .