اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي هڪ ڀيرو وري ڪورم کان به گهٽ ميمبرن جي موجودگي ۾ 3 بل منظور ڪري ورتا آهن ۽ هڪ بل وڌيڪ غور لاءِ ڪاميٽي کي اماڻي ڇڏيو آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي اڪثريت راءِ ٻه قراردادون به منظور ڪري ورتيون آهن، وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ جي حڪومت پاران منطور ڪيل ڀنگ پاليسي تي عملدرآمد نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، تفصيل موجب ڪالهه قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني جي صدارت ۾ ٿيو، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پارلياماني مامرن جي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي چيو ته اڳوڻي پي  ٽي آءِ جي حڪومت ڀنگ پاليسي منظور ڪئي هئي، هن حڪومت جو ان پاليسي کي جاري رکڻ جو ڪو ارادو ناهي، عمران خان چاهيو پئي ته ماڻهو ڀنگ جي نشي ۾ رهن ۽ اصل حقيقتن کان لاعلم رهن، اجلاس دوران ريلوي جي وزير خواجا سعد رفيق چيو ته بلوچستان جي زوب ريلوي اسٽيشن، ان جي سليپر فيڪٽري ۽ زمين تي قبضا ٿي ويا آهن، جن قبضن کي خالي ڪرائڻ لاءِ ايف سان ڳالهايو آهي، ان حوالي سان آپريشن ڪرڻ لڳا آهيون، ٻئي طرف قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مولانا جمال الدين نيشنل يونيورسٽي آف مانڊرن لينگويجز ايڪٽ ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو، جڏهن ته اسلم ڀوتاڻي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ريسرچ اينڊ رجسٽريشن بل پيش ڪيو، جيڪي لاڳاپيل ڪاميٽين کي اماڻيا ويا آهن، جڏهن ته قومي اسيمبلي وجيهه قمر اشارن جي زبان ذريعي عوامي اهميت جي مامرن ۾ ٻوڙن ماڻهن جي ميڊيا تائين رسائي جو بل منظوري لاءِ پيش ڪيو، جيڪو منظور ڪيو ويو، جڏهن ته قادر مندوخيل انٽرنيشنل ٽيڪنالاجي، ڪلچر اينڊ هيلٿ سائنسز ترميمي بل پيش ڪيو، جيڪو به منطور ڪيو ويو آهي، ائين محسن داوڙ جو ليگل پريڪٽشنرز اينڊ بار ڪائونسل ايڪٽ ۾ ترميم جو بل به قومي اسيمبلي منظور ڪري ورتو آهي، پارلياماني مامرن جي وفاقي وزير  پنهنجي قرارداد منظور ڪرائڻ لاءِ رولز جي پاسداري ڪرڻ جو عمل وساري ويٺو، قرارداد ايجنڊا ۾ شامل نه هجڻ ڪري ان قرارداد جي منظوري کان اڳ رولز سسپينڊ ڪرڻ قانوني گهرج آهي پر ڪالهه اها گهرج پوري ڪرڻ کانسواءِ ئي پارلياماني مامرن جي وزير قراراد پيش ڪئي، جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو، منظور ڪيل قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ننڍن دڪاندارن کي ايل اين جي تي منتقل واري  پاليسي ختم ڪري کين گيس فراهمي ڪئي وڃي، جڏهن ته ٻي قرارداد  چوڌري فقير محمد پيش ڪئي، جيڪا به منظور ڪئي وئي، ان قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته انٽرنيٽ تان توهين آميز مواد هٽائڻ بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي ڏنل فيصلي خلاف داخل اپيلون واپس ورتيون وڃن، جڏهن ته قومي اسيمبلي کي پيٽروليم وزارت لکت ۾ آگاهه ڪيو آهي ته اڃا تائين پاڪستان کي ڪنهن به ملڪ پاران رعايتي اگهن تي تيل فراهم  نه ڪيو ويو آهي پر سعودي عرب کان سال جي اوڌر تي تيل حاصل ڪيو پيو وڃي، روس پاران موجوده حڪومت سان ڳالهه ٻولهه دوران پاڻ هرتو گيس فراهمي جي پيشڪش نه ڪئي، شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ وزيراعظم روسي صدر سان ملاقات ۾ پاڪستان کي تيل فراهم ڪرڻ جو مامرو اٿاريو ان کانسواءِ راعيتي اگهن تي ايل اين جي فراهمي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي، پاڪستان روس پنهنجي ٽيم موڪلڻ لاءِ تيار آهي، ٻئي طرف قانون جي وزير قومي اسيمبلي کي لکت ۾ ٻڌايو آهي ته پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ اڳوڻن وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن خلاف نيب ڪيس بند ڪرڻ بابت نيب چيئرمين پاران فراهم ڪيل جواب غير تسلي بخش ڏنو ويو هو، جنهن تي نيب کي مڪمل جواب ڏيڻ جو چيو ويو آهي جيئن ئي تفصيل آيا ايوان کي فراهم ڪيا ويندا.