اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران جي ڊي اي ميمبر سائرا بانو پ پ جي ميمبر قادر پٽيل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، قادر پٽيل سائرا بانو جي تقرير دوران ڳالهائي رهيو هو ، سائرا بانو ڪورم جي نشاندهي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، جنهن تي قادر پٽيل طنزيه انداز ۾ جواب ڏنو، قادر پٽيل جي ڳالهائڻ تي سائرا بانو کيس چيو ته اوهان اهي ئي آهيو نه جنهن کي فيصل واوڊا گاريون ڏنيون هيون، پينل آف چيئرمين محمود بشير معاملي کي ٽاريو. جڏهن ته وزير تعليم رانا تنوير حسين وزارت تعليم جي سوالن جا جواب تسلي بخش نه ڏئي سگهيو، جنهن تي نواز ليگ ميمبر شائسته پرويز، شيخ روحيل اصغر، سيده نوشين افتخار ۽ اپوزيشن ميمبر نورعالم خان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، وزير تعليم رانا تنوير پنهنجي پارٽي ميمبرن جي ڪاوڙ جي ڊي اي ميمبر سائرا بانو مان ڪڍي، سائرا بانو کي ڀارتي اداڪارا سائرا جي نالي سان ياد اچڻ جو چئي ڇڏيو، پينل آف چيئرمين محمود بشير رانا تنوير حسين کي سائرا بانو جي باري ۾ اهڙا لفظ استعمال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.