اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جي ميمبرن پاران سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ۽ ارسا پاران ڌرائتو ڪردار ادا ڪرڻ خلاف احتجاج، قومي اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي ۽ وفاقي وزير فهيمده مرزا وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ، ڊپٽي اسپيڪر پاڻي مامرن جي وزير کي اڄ پاڻي صورتحال بابت بريفنگ لاءِ طلب ڪري ورتو، قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ واري مامري کي قومي اسيمبلي ۾ اٿاريندي سنڌ مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر سيد نويد قمر چيو ته سنڌ جي ضلعن ٺٽي ۽ بدين توڙي ٻين علائقن جي ماڻهن وٽ پيئڻ جو پاڻي به ناهي، جانورن کي به پيئڻ جو پاڻي نه ملي رهيو آهي، اهڙي صورتحال باوجود ارسا سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي فراهم نه ڪري رهي آهي، ٽي پي لنڪ ڪينال کي کوليو ويو آهي، ارسا کي بار بار چيو ويو ته پاڻي جي کوٽ وقت لنڪ ڪينالن کي نه کوليو وڃي، ارسا جي لنڪ ڪينالن کي کولڻ کي رڳو هڪ صوبي جي ميمبر پاران تسليم ڪيو ويو، باقي ٽن صوبن پاران مخالفت ڪئي وئي، سنڌ جي ميمبر کي ارسا جي اجلاس ۾ تشدد ڪيو ويو، حڪومت ان مامري جي جاچ ڪرائي، ارسا پنهنجي حساب سان پاڻي ورڇ ڪري رهي آهي، پاڻي ٺاهه کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن اهڙي صورتحال رهي ته سنڌ ۾ فصل بري طرح متاثر ٿيندا، صوبن کي پنهنجي حق موجب پاڻي ملڻ گهرجي، پاڻي جي ورڇ طئي ٿيل طريقيڪار سان ٿيڻ گهرجي، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر اڄ جمعي ڏينهن پاڻي مامرن جي وزير کي پاڻي صورتحال بابت بريفنگ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ طلب ڪري ورتو آهي، اجلاس دوران پاڻي مامري تي تقريرن دوران جي ڊي اي ۽ پيپلزپارٽي جي ميمبرن ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ۽ منهن ماري ٿي، وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته بدين ۽ ٺٽو ضلعو پاڻي جي کوٽ سبب شديد متاثر ٿيا آهن، پاڻي جي کوٽ سبب سمورين بيراجن تي برابر ورڇ ٿيڻ گهرجي، پڇڙي جي آبادگارن جو حق ماريو پيو وڃي، بدين جو اڄ ٻچو ٻچو اڃيو آهي، اسان کي ڪنهن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو آهي، جيڪي ماڻهو لاڙڪاڻي جي ماڻهن کي انصاف نه ٿا ڏئي سگهن اهي ٻين کي ڇا انصاف ڏيندا، ماڻهن جي زمينن تي قبضا ڪندڙن خلاف ڪارروائي چاهيان ٿي، تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح ڊيڊ ليول تائين پهچي چڪي آهي، پاڻي وزير کي ايوان ۾ اچي جواب ڏيڻ گهرجي، غيرقانوني طور تي ڊي اوز بااثر ماڻهن کي جاري ڪيا ويا آهن، 20 مئي تي بدين ۾ ضمني چونڊ ٿي، 19 مئي تي پاڻي ڪنيڪشن ڏنا ويا، سنڌ جي وڏي وزير کان سوال ڪيو وڃي ته پڇڙي تائين پاڻي آبادگارن کي ڇو نه ملي رهيو آهي، سنڌ ۾ ڪوئي ريگيوليٽر ڪم نه ڪري رهيو آهي، آبپاشي نظام تي 14 سئو ارب رپيا خرچ ٿيا آهن، ڪنهن هڪ شاخ جي به کاٽي نه ٿي آهي، وفاقي حڪومت کان اهو سوال ڪري رهيا آهيون بشارت زرداري منهنجي زمينن تي قبضا ڪري رهيو آهي، مون کي ۽ منهنجي خاندان کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، توهان جو پيٽ ڪنهن شئي سان ڀربو آهي؟ سنڌ جي هر ضلعي کي ڏوهارين حوالي ڪيو ويو آهي، سکر ۽ ڪوٽڙي بيراجن وچ ۾ پاڻي چوري ٿي رهيو آهي، ان جو ذميوار ڪير آهي؟ بدين ۽ لاڙڪاڻو ڇا سنڌ ۾ ناهن؟ مون ته بلاول ڀٽو جي تعريف ڪئي هئي، مون ته سنڌ ۾ ماڻهن کي ڪتن جي ڏاڙهڻ جو ذڪر ڪيو هو، ڇا اهو سنڌ جو مسئلو ناهي؟ فهميده مرزا جي تقرير دوران شازيه مري سميت پيپلزپارٽي جا ميمبر احتجاج ڪندا رهيا، جنهن بعد وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا جي سوال جو جواب ڏيندي پيپلز پارٽي جي شازيه مري چيو ته اسان اسيمبلي ۾ سنڌ جو عوامي مسئلو اٿاريو پر هتي ايوان اندر ذاتي رنجش ۽ جهيڙي کي پيش ڪيو ويو، صوبائي وزير هن ايوان ۾ موجود ناهي، ان خلاف ڳالهه نه ٿيڻ گهرجي، اسان قرض معاف ڪرائڻ جي ڳالهه نه ڪري رهيا آهيون، 600 ووٽ وٺي توهان جي سياست ناڪام ٿي چڪي آهي، بدين ۾ اسان ڪوڙا واعدا نه ڪيا آهن، سنڌ صوبي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، اسان هتي پاڻي جي مسئلي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، اسان وٽ پيئڻ لاءِ به پاڻي ناهي، ايوان ۾ پنهنجي خانداني مسئلن جي ڳالهه نه ڪئي وڃي، جيڪڏهن 600 ووٽ حاصل ڪرڻ سبب توهان جي سياست خراب ٿئي ٿي ته ان جي پيپلز پارٽي ذميوار ناهي.