لاهور (م ڊ) قومي اسيمبلي جي 33 خالي تڪن تي عمران اميدوار هوندو، تحريڪ انصاف پاران ضمني چونڊن  ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جو فيصلو، ڪي پي ڪي ۾ چونڊن جي تاريخ نه ملڻ تي اڄ هاءِ ڪورٽ وڃڻ جو به اعلان، عمران خان چيو آهي ته نااهل حڪومت تيل اگهه وڌائي عوام کي چٿي ڇڏيو، اڃا مني بجيٽ ايندي. تحريڪ جي ڪور ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي خالي 33 تڪن تي ضمني اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو ته عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي جي ڪور ڪاميٽي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن، هن چيو ته قومي اسيمبلي جي 33 ئي تڪن تي عمران خان اميدوار هوندو، جڏهن ته اتان ڊي نوٽيفاءِ ٿيل اسيمبلي ميمبر گورنگ اميدوار طور نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندا.  شاهه محمود قريشي چيو ته تحريڪ انصاف سياسي ميدان ۾ موجود رهندي، قوم اسان سان گڏ آهي، 17 جولاءِ جي چونڊن ۾ به عوام اسانجي حق ۾ فيصلو ڏنو. شاهه محمود قريشي چيو ته قوم فوري چونڊن جو مطالبو ڪري رهي آهي، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي چونڊن ۾ 90 ڏينهن کان وڌيڪ دير ٿي آئين جي ڀڃڪڙي هوندي، پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود ڪي پي ڪي ۾ چونڊن جي تاريخ نه ملڻ تي پشاور هاءِ ڪورٽ وڃڻ جو به اعلان ڪيو، اسد عمر چيو ته حڪومت جو آئين تي عملدرآمد جو ڪوبه ارادو ناهي، آئين خطرو ناهي، عدالت جي مدد سان عمران خان جي قيادت ۾ آئين برقرار رهندو، پي ٽي آءِ، قانون ۽ عوام عدالت سان رابطو ڪندا. شاهه محمود قريشي چيو ته اجلاس ۾ بنيادي حق پائيمال ڪرڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو ۽ آئين جي مختلف شقن جي ڀڃڪڙي آهي، جنهن بعد هڪ سياسي حڪمت عملي جوڙيندي پارٽي جي سينيئر قيادت کي اعتماد ورتو ويو آهي. هن چيو ته اجلاس ۾ 4 قراردادون منظور ڪيون ويون آهن،  جنهن ۾ پهرين قراداد ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت عدليا ۽ قوم جو ڌيان دستور پاڪستان جي اهم حصي ڏانهن ڇڪائڻ چاهي ٿي، جيڪو پارليامينٽ ٽٽن بعد 90 ڏينهن اندر هر حال ۾ چونڊون ڪرائڻ جو پابند بڻائي ٿو، ان عرصي ۾ هڪ جي به واڌ ممڪن ناهي،  تحريڪ انصاف ڪي پي ڪي  ۽ پنجاب ۾ پنهنجي حڪومت ختم ڪري اسيمبليون ٽوڙيون آهن، صوبن ۾ چونڊن ۾ دير آئين تي حملي برابر هوندو، اهڙو عمل آرٽيڪل 6 جي زمري ۾ ايندو. شاهه محمود چيو ته ٻئي قرارداد ۾ فواد چوڌري جي اغوا، بغاوت جي جعلي ڪيس جي شديد مذمت ڪئي وئي آهي، فواد کي جسماني رمانڊ تي ڏيڻ، دهشتگردن جهڙو سلوڪ ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي، هڪ ئي ڪيس ۾ 3 ڀيرا جسماني رمانڊ ڏيڻ جو اڳ ڪوبه مثال موجود ناهي، چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل آهي ته پاڻمرادو نوٽيس وٺي. ان موقعي تي اسد عمر پاس ڪيل باقي ٻن قراردادن جا تفصيل ٻڌايا ته هڪ قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف جي قيادت صدر ۽ فوج جي سپريم ڪمانڊر جو ڌيان گورنر ڪي پي ڪي جي ان بيان ڏانهن ڇڪائڻ چاهي ٿي ته ڪي پي ڪي اسيمبلي جي چونڊن جي تاريخ ايجنسين ۽ اسٽيبلشمينٽ طرفان ڏني ويندي،  صدر کان ملڪي سياسي معاملن ۾ انٽيلجنس ايجنسين جي وڌندڙ مداخلت جو فوري طور نوٽيس جو مطالبو ڪريون ٿا، صدر رياستي ادارن ۾ موجود ڪجهه ڪارين رڍن جي خواهش تي تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن، اڳواڻن ۽ ذميوارن خلاف داخل ڪيل ڪوڙن ڪيسن، سندن اغوا، حراست دوران تشدد ۽ ڌمڪين وارين فون ڪالز جو به نوٽيس وٺي، ان سان اسانجي ادارن جي نيڪ نامي تي منفي اثر پئجي رهيا آهن، جنهن پاڪستان جي پرڏيهي دشمنن کي هٿي ملي رهي آهي. هڪ سوال تي شاهه محمود قريشي چيو ته هڪ وقت اسانجو اسٽيبلشمينٽ سان ڪوبه رابطو ناهي،صدر پل جو ڪردار ادا ڪيو، جنهن تي اسان سندس ٿورائتا آهيون، صدر ثالثي جي ڪوشش ڪئي پر اڳڀرائي نه ٿي، آئين کي ذهن ۾ رکي اسان کي رستو ڪڍڻ گهرجي. ان کان اڳ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي سان عوام کي ڪچليو ويو آهي، ڪرپٽ ۽ نااهل حڪومت جي بدانتظامي معيشت تباهه ڪري ڇڏي، گيس ۽ بجلي جي قيمتن ۾ به واڌ جو امڪان آهي، هاڻ 200 ارب جي مني بجيٽ ذريعي بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويندو، ڊالر اڳ ئي 33 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي،  عمران خان چيو ته مهانگائي جي شرح 35 سيڪڙو وڌي ويندي.

ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف اسحاق ڊار کي گهر وڃڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو، ڊاڪٽر ياسمين راشد جو  چوڻ آهي ته اسحاق ڊار کي جيڪي معجزا ڪرڻا هئا، اهي سڀني ڏسي ورتا، هاڻ مهرباني ڪري گهر وڃي، ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو ته سڄي نواز ليگ اسحاق ڊار کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهي آهي، مريم نواز صرف سيڻ هجڻ تي خاموش آهي، ناڻي جي اڳوڻي وزير شوڪت ترين چيو ته پيٽرول مهانگو ٿيڻ جي هي پهرين قسط آهي، آءِ ايم ايف ان کان وڌيڪ قميتون وڌرائيندو، اسد عمر چيو ته پهرين ئي تاريخ جي بدترين مهانگائي کان پريشان آهي،  الله هن قوم کي عذاب کان نجات ڏياري.