قمر جاويد باجوه، فيض حميد ۽ عمران خان اڄ به هڪٻئي جا حامي بڻيل آهن

0
335

لاهور(ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير جاويد لطيف چيو آهي ته رٽائرڊ جنرل قمر جاويد باجوه، رٽائرڊ جنرل فيض حميد ۽ عمران خان اڄ به هڪ ٻئي جا حامي بڻيل آهن، قوم جي سامهون نورا ڪشتي کيڏي پئي وڃي

وفاقي وزير جاويد لطيف لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  9 مهينن کان قومي مفاد خاطر خاموش هئاسين هاڻي قومي مفاد خاطر زبان کولينداسين، نوازشريف کي بدنام ڪندڙ ۽ رياست کي نقصان پهچائيندڙ 5 ڪردارن جو احتساب ٿيڻ گهرجي

هن چيو ته نوازشريف بار بار قربانيون ڏنيون آهن، هاڻي نوازشريف قرباني نه ڏيندو، ڪهڙو سبب آهي جو عمران خان کي اڄ به مقبول بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، پنجاب ۽ ڪي پي ۾ اليڪشن شيڊول جو اعلان ٿيڻ شرط نوازشريف وطن واپس پهچي ويندو

هي به پڙهندا

سياسي جماعتن جي پاليسين کان ناراض اڳواڻن پاران عوامي مسئلن جي حل لاءِ غير جماعتي فورم ٺاهڻ جو اعلان