قمبر (رپورٽر) قمبر جي بروهي پاڙي ۾ گذريل ڏينهن قتل ٿي ويل ڳوٺ جي چڱي مڙس  محمد خان چانڊيو جو قتل ڪيس قمبر جي سٽي ٿاڻي تي مقتول جي ڀاءُ  فياض چانڊيو جي فرياد تي 8 سڃاتل جوابدارن  نورنبي چانڊيو سندس ڀاءُ  لونگ،سليم، ابرار، احمد نواز، شاهد علي، ممتاز علي، اسدالله  چانڊيو ۽ 2 اڻسڃاتل جوابدارن سميت 10 ڄڻن مٿان داخل ڪرايو آھي، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته   اسان جو حاڪم علي قاسماڻي چانڊيو سان پراڻو تڪرار هلندڙ آھي ڏيڍ مهينو اڳ منهنجي سئوٽ مولا بخش کي قتل ڪيو ويو هو، جنهن جو ڪيس حاڪم علي سميت ٻين جوابدارن مٿان داخل ڪرايو هو، جيڪي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ  ڌمڪيون ڏيندا هئا، جنهن تي مٿين جوابدارن منهنجي ڀاءُ محمد خان کي قتل ڪيو آھي، ٻئي طرف قمبر پوليس قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آھي. ٻي طرف جنازي نماز بعد مقتول جو مڙهه آلين اکين سان  جابلو علائقي جي رئيس جمال خان چانڊيو جي ٽڪري واري   قبرستان ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو.