قمبر (رپورٽ: رحيم منگي) قمبر ڀرسان دوستن ۽ سنڍو سان چانهه پيئڻ ويل نوجوان بردردي سان قتل، زمين مان تشدد ٿيل ۽ گوليون لڳل لاش هٿ، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ٻير روڊ تي زرعي زمين مان نوجوان جو تشدد ٿيل ۽ گوليون لڳل لاش هٿ ڪيو ويو، جنهن جي سڃاڻپ رضوان گوپانگ جي نالي سان ٿي، پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان کي قتل ڪري لاش زرعي زمين ۾ ڦٽو ڪيو ويو آھي، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي قمبر اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي سئوٽ مشتاق سرور گوپانگ ٻڌايو ته رضوان کي سندس سنڍو عرفان گوپانگ ۽ سندس دوست شعيب مغيري گذريل رات گهران چانهن پيئارڻ بهاني وٺي ويا، جن کيس بيدردي سان قتل ڪيو، هن چيو ته رضوان سڄي رات گهر نه موٽيو، صبح جو سندس لاش مليو آهي، مقتول جي هڪ مهينو اڳ شادي ٿي هئي، شھر جي نصيرآباد ناڪي تي کيس پڪوڙن جو دڪان هيو، هنن چيو ته نوجوان کي تشدد ڪري ۽ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.