قمبر ( رپورٽر) قمبر جي ڳوٺ محمد عرس بليدي تي ڊرگهه پوليس چڙھائي ڪري غلام مصطفيٰ بليدي، عثمان بليدي ۽ برڪت بليدي جي گهرن مان 2 ٽريڪٽر، 2 موٽر سائيڪلون ۽ ٻيو سامان کڻي وئي.ڳوٺاڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته ايس ايچ او ڊرگهه ٽريڪٽر ۽ موٽر سائيڪلون ڪاهي ويو آھي، 5 لک رشوت گهري رهيو آھي.  هنن چيو ته برادري جي ماڻھن سان  تڪرار هلندڙ آھي، اسان مٿان ڊرگهه ٿاڻي تي ڪو به ڪيس داخل نه هئڻ باوجود مخالفن کان رشوت وٺي اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي.