قمبر ( رپورٽر) قمبر ۾ يوٿ فورم جي سڏ تي شهرين پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند هئڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.اياز ٻرڙو، لطيف گوپانگ، بخت ڀٽو ميڊيا کي ٻڌايو ته نورنگ واهه ڀرسان واٽر سپلاءِ جو ٽرانسفارمر سڙڻ ڪري  ٽن ڏينهن کان پاڻي جي فراهمي بند آھي، مسجدن ۾ وضو لاء به پاڻي ناهي.هنن گهر ڪئي ته بجلي جو نظام درست ڪرائي پاڻي ڏئي پريشانين کان بچايو