قمبر ( رپورٽر) قمبر جي ڳوٺ ميانداد گراماڻي ۾ قتل ٿي ويل پيرسن ممتاز گراماڻي  چانڊيو جي واقعي جو ڪيس دوست علي بنگلا ٿاڻي تي مقتول جي پٽ اميرجان جي فرياد تي 5 جوابدارن  غلام علي گراماڻي چانڊيو، بدرالدين، الله ڏنو، ڏاڏو عرف سچل ۽ منظور گراماڻي مٿان داخل ڪيو ويو.فريادي ڄاڻايو ته پاڻي واري معاملي تان ڪهاڙين جا وار ڪري منهنجي والد کي قتل ڪيو ويو، جڏھن ته پوليس ڪيس ۾ ڄاڻايل ڪنهن به جوابدار کي گرفتار ڪري ناهي سگهي.