قمبر ( رپورٽر) قمبر ۾  پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ سنڌ ڪرڪيٽ ايسوسئيشن طرفان ٿيندڙ سنڌ انٽر اسڪول ڪرڪيٽ چئمپين شپ عرضي ڀٽو هاءِ اسڪول کٽي ورتي. فائنل ميچ گورنمينٽ ھاء اسڪول قمبر ۽  گورنمينٽ ھاء اسڪول عرضي ڀٽو وچ ۾ ٿي. قمبر ھاء اسڪول جي ڪپتان وقار سومرو ٽاس کٽي پھريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ٽيم 12 اوورن ۾ 87  رنسون ٺاهي  آل آئوٽ ٿي وئي، ھاء اسڪول عرضي ڀٽو جي ٽيم 11/ اوورن ۾ 5/ وڪيٽن تي ٽارگيٽ پورو ڪري ورتو. ياسر علي 28 غلام رسول 26 رنسون ٺاھيون، غلام رسول 5 ٽاقب علي 4 وڪيٽون وٺي ڪاميابي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. مين آف دي ميچ رهيو ۽بيسٽ بالر ايوارڊ قمبر ھاء اسڪول جي قادر بخش بروھي  ماڻيو . خاص مھمان ڊي اي او سيڪنڊري انيس الرحمان جلباڻي رانديگرن ۾ انعام ورهايا.