قمبر ( رپورٽر) قمبر جي علي خان محلي ۾ گهريلو معاملي تان روينيو کاتي جي اسسٽنٽ لياقت سومرو پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي سالي پوليس اهلڪار نعيم قريشي ۽ سهري غلام عباس قريشي کي زخمي ڪري ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار ڪنهن گهريلو معاملي تان سھري ۽ سالي کي پنهنجي گهر گهرايو هو جتي منهن ماري ٿيڻ بعد لياقتو سومرو  سورهي ۽ سالي مٿان پسٽل جا فائر ڪيا جنهن سبب گوليون لڳڻ ڪري ٻئي ڄڻازخمي ٿي پيا جن کي بروقت علاج لاء لاڙڪاڻو اسپتال نيو ويو آھي.