قمبر (رپورٽر)  قمبر جي غريب آباد محلي ۾ واقع محمد اسماعيل قادري گورنمينٽ  پرائمري بوائز اسڪول جا تالا ٽوڙي نامعلوم چور 4 ڇت جا پکا، 2 سولر پليٽون، واٽر پمپ سميت اسڪول جو گهنڊ چوري ڪري ويا، چوري واقعي خلاف اسڪول جي استادن ۽ شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪري غيبي ديرو روڊ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اسڪول جي هيڊ ماستر عبدالرزاق ڪلهوڙو، اياز چانڊيو، عبدالرشيد شابراڻي ۽ ٻين ٻڌايو ته اسڪول ۾ چوڪيدار نه هئڻ سبب رات جو دير سان نامعلوم چور ڀت ٽپي ڪلاسن جا تالا ٽوڙي اسڪول جو سمورو سامان ٻهاري ويا آهن، هنن اسڪول ۾ چوڪيدار مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.