قمبر ( رپورٽر) قمبر ويجهو خان بروهي ڳوٺ ۾  ڪبوتر پڪڙڻ تان مگسي ۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، ڏنڊا لڳڻ سبب انور بروهي، علي نواز بروهي، صبحيه بروهي، سڪينا بروهي، جڏھن ته مگسي برادري جا وحيد ۽ حميده مگسي زخمي ٿي پيا، اهڙو اطلاع صدر ٿاڻي تي ڏنو ويو، زخمين کي اسپتال داخل ڪرايو ويو.