قمبر (رپورٽر) قمبر لڳ پوليس جو ڪڪڙن جي ميل تي ڇاپو، نوجوان فوت، لاش رکي ڌرڻو، تشدد جا الزام، ان ڏس ۾ ڳوٺ پيرل عاجباڻي ۾ پوليس ڪڪڙن جي ميل تي ڇاپو هنيو، ڇاپي دوران مبينا طور تشدد ۾ 45 سالن جو ارباب علي چانڊيو فوت ٿي ويو،  جنهن بعد وارثن ۽ ڳوٺاڻن طرفان فوتي جو لاش ٽريڪٽر ٽرالي تي کڻي قمبر باءِ پاس روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي فوتي جي ڀاءُ امداد چانڊيو دانيهندي چيو ته ڳوٺ ۾ اوطاق تي ڪڪڙ ويڙھائي رهيا هئاسين ته سي آءِ  اي پوليس پهچي هوائي فائر ڪري منهنجي ڀاءُ  کي رائيفل جا ڌڪ هنيا، جنهن سبب هو ڪري فوت ٿي ويو، هن چيو ته منهنجو ڀاءُ  پوليس جي تشدد ۾ فوت ٿيو آھي، سي آءِ اي انچارج هدايت الله بجاراڻي ۽ پوليس اهلڪار شيرل ڀنگر مٿان داخل ڪيو وڃي، ٻي طرف پوليس مظاهرين وٽ پهچي ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو،  فوتي جي لاش   پوسٽ مارٽم لاءِ شهر جي  اسپتال آندو ويو، جتي پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر موجب ته فوتي جي جسم تي تشدد جو ڪو به نشان ظاهر نه آھي، جڏھن ته  جزا وٺي  ليبارٽري اماڻيا ويندا.