قمبر ( رپورٽر)  قمبر ۾ گندگي خلاف واپارين، دڪاندارن ۽ شھرين اسلم تنيو، علي جان مگسي، شاهد سومرو، ميرآهوجا جي اڳواڻي ۾ ميونسپل جي مک دروازي اڳيان ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو.اڳواڻن ٻين چيو ته ميونسپل انتظاميه جي نااهلي سبب بازارن ۽ مختلف محلن ۾َگند جا ڍير ٿي ويا آهن، نيڪال وارو گندو پاڻي رستن تي بيٺل آهي، بدبوءِ پکڙجي وئي آهي، شهري مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.