قمبر ( رپورٽر) قمبر جي ڳوٺ جيئڻ ابڙو جي زميندار ۽ خوراڪ کاتي جي انسپيڪٽر عارف ابڙو کان هٿياربند سٽي ٿاڻي جي حد مدرسي ڀرسان گاڏي تي سڌا فائر ڪري روڪي يرغمال بڻائي 10 هزار 5 سو روڪ رقم ڦري ويا، عارف ابڙو ٻڌايو ته لاڙڪاڻي کان ڳوٺ جيئڻ ابڙو پنهنجي ڪار ۾ وڃي رهيو هيس ته هٿياربندن ڪلاشن ڪوف جو برسٽ هنيو، 10  گوليون ڪار کي لڳيون مان ۽ ڊرائيور معجزاڻي طور بچي وياسين، هٿياربند 10 هزار 500 سئو روپيا ڦر ڪري هوائي فائر ڪندا فرار ٿي ويا، پوليس پيرو کڻي ڳوٺ ڏتل ابڙو ڀرسان جاگيراڻين جي گهرن مان هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو آھي، ٻئي پاسي اهڙي واقعي جو ڪيس قمبر ٿاڻي تي ڊرائيور الله ڏنو جاگيراڻي جي فرياد تي غفار جاگيراڻي، عابد جاگيراڻي، لطف جاگيراڻي، عنايت مغيري ۽ هڪ اڻسڃاتل سميت 5 ڄڻن مٿان داخل ڪيو ويو آھي.