قمبر ( رپورٽر)  قمبر جي ڳوٺ ميڻا ۾ سم شاخ مان مڇي مارڻ جي معاملي تان علي محمد چانڊيو ۽ نبي شاهه جي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. ڪهاڙي لڳڻ سبب نبي شاهه زخمي ٿي پيو، جڏھن ته ٻي ڌر جا علي محمد چانڊيو، علي شير، علي خان، علي رضا، علي جان، محمد خان چانڊيو لٺيون ۽ ڪهاڙين جا ڌڪ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال آندو ويو، سمورن زخمين کي لاڙڪاڻي موڪليو ويو. شھيد فتح محمد ميڪڻ ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ ھو ته سم شاخ مان مڇي مارڻ تان ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو.