قمبر( رپورٽر) قمبر پوليس طرفان ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي 2 لک انعام رکيل ڌاڙيل کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي ان سلسلي ۾ ضلعي پوليس ترجمان طرفان جاري ڪيل پريس پڌرائي موجب صدر ٿاڻي جي ايس ايچ او محمد صالح مهيسر ڳجهي اطلاع تي ڳوٺ رب رکيو لاکو ڀرسان ڪاروائي ڪندي 2 لک انعام رکيل ڌاڙيل عباس سنگاساڻي چانڊيو کي گرفتار ڪيو آھي پوليس موجب گرفتار ڌاڙيل مٿان اغوا، قتل، ڦر۽ ڌاڙن سميت سنگين نوعيت جا 56ڪيس داخل هئا جن مان 35 ڪيسن ۾ چالان ٿيل آھي جڏھن ته 14 ڪيسن ۾ روپوش ۽ 7 ڪيسن ۾ اشتهاري آھي پوليس موجب گرفتار ڌاڙيل مٿان سنڌ حڪومت طرفان 2008 ۾ سندس گرفتاري تي 2 لک روپيا انعام رکيو ويو هو.