قمبر (رپورٽر) قمبر جي جابلو پٽي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل بشير احمد گائنچو جو ڪيس حد جي ڊرگهه ٿاڻي تي مقتول جي ڀائيٽي پتاشو گائنچو جي فرياد تي 6 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ دائود گائنچو، دلدار، سڪندر، عبدالله، محمد يامين ۽ صابر علي گائنچو سميت 6 ڄڻن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي ته 20 جريب زمين جي مالڪي جي معاملي  تان جوابدارن حملو ڪري بشير احمد کي قتل ڪيو، هوڏانهن ڪيس داخل باوجود پوليس هڪ به جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي.