لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) قمبر واسڻ ڪميونٽي مڊوائيف ضميران گوپانگ وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ڪمپلين سيل انچارج نغمه وٽ پنهنجي امڙ ۽ سهري کان ملڪيت مان حق ڏيارڻ جي درخواست ڏني. هن چيو ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ڪمپلين سيل انچارج منهنجي ماءُ سان ڳٺ جوڙ ڪري ڊاڪٽر بدرالدين کان ڪوڙا ڊاڪيومينٽس ٺهرائي مون کي چريو ڄاڻايو آهي. سندس چوڻ هو ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ڪمپلين سيل انچارج مون کي پنهنجي گهر ۾رهائي ڪم به ڪرايو. ڊي آءِ جي آفيس جي وومين پروٽيڪشن سيل جي انچارج نغمه مزاري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ضميران گوپانگ کي گھر ۾ نوڪرياڻي طور رکڻ وارا الزام بي بنياد آهن، عورت کي سندس وارثن حوالي ڪرڻ بعد هوءَ ٻيھر رات جو آئي جتي کيس ماني کارائي ليڊيز ٿاڻي تي ترسايو ۽ بعد ۾ وارثن حوالي ڪيو هو.