قمبر( اسپورٽس نيوز) سٽي ڪپ هارڊ بال ٽي 20 ڪرڪيٽ  ٽورنامينٽ  جي نائين ميچ ۾ فرينڊس ڪرڪيٽ  ڪلب سخت مقابلي کانپوءِ سنڌو ڪرڪيٽ  ڪلب قمبر کي 1 وڪيٽ  تان شڪست ڏئي رائونڊ کٽي ورتو. سنڌو ڪرڪيٽ  ڪلب پھريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن  جي نقصان تي 173 رنز ٺاھيون، جنهن جي جواب ۾ فرينڊس ڪرڪيٽ  ڪلب آخري اوور جي آخري بال تي 9 وڪيٽن  جي نقصان تي گھربل هدف  پورو ڪري رائونڊ کٽي ورتو. فرينڊس ڪرڪيٽ  ڪلب طرفان اعجاز مگسي 48، سليم سومرو 45 رنز ٺاھي نمايان رهيا ۽ بھترين بالنگ ڪندي شرف الدين ڏيپر ۽ عبدالرزاق سومرو 4-4 وڪيٽون  وٺي پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.