قمبر (رپورٽر) قمبر جي ڳوٺ ميڻا جو رهواسي نوجوان نسيم چانڊيو مبينا اغوا ٿي ويو آھي، ان حوالي سان  نوجوان جي چاچي ذوالفقار چانڊيو جو چوڻ آھي تہ نسيم دڪان تي ويٺو هيو تہ کيس هٿياربند اغوا ڪري ويا آھن، جوابدار اسان کان 10 لک رپيا ڀنگ بہ گهري رهيا آھن، ٻي طرف  حد جي ٿاڻي جي ايس ايچ او جو چوڻ آھي تہ سندس ئي برادري جي ماڻھن سان ڪارنهن جو مسئلو هلندڙ آھي،  اسان کي ڄاڻ ملي آھي تہ نوجوان نسيم جي ڀاءُ مٿان ڪارنهن جو الزام آھي، علي چانڊيو نالي همراهه نسيم کي وٺي ويو آھي،  وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪري رهيا آھيون.