قمبر (رپورٽر) قمبر جي عدالت قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٻن ڀائرن سميت ٽن ڄڻن کي عمر قيد ۽ 10، 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ان ڏس ۾ ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي جج غلام قادر تنيو جي عدالت قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جنيد سيلرو، سندس ڀاءُ سرتاج سيلرو ۽ وزير سيلرو کي عمر قيد ۽ مجموعي طور ٽنھي جوابدارن کي 30 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، جوابدارن 10 مھينا اڳ شھدادڪوٽ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ پراڻي تڪرار تان عجيب الله عرف ساجد سيلرو کي قتل ڪيو هو، اھڙو ڪيس مقتول جي ڀاءُ مجيب سيلرو مٿين جوابدارن خلاف داخل ڪرايو هو.