شھدادڪوٽ ( رپورٽر )  شھدادڪوٽ، قبوسعيد خان، سجاول جوڻيجو، قمبر، نصيرآباد، وارھ، ميروخان، بھرام ۽ وڳڻ جي  فوڊ سينٽرن ۾ کليل  آسمان ھيٺ پيل لکين مڻ ڪڻڪ جون ٻوريون برسات ۾ خراب ٿيڻ لڳيون آهن. شھيد ڀٽو اڳواڻ منير بروھي، وزير کوسو، ايس يو پي اڳواڻن الھداد خشڪ، حاڪم مستوئي ايس ٽي پي اڳواڻن ڪامريڊ حيات تنيو، امداد علي سومرو، پي ٽي آئي اڳواڻن حاجي خان ڀٽو مسلم ليگ ن اڳواڻن  ڪامريڊ شعبان جمالي وشال پلياڻي چيو ته خوراڪ کاتي جي عملدارن جي نااهلي سبب ڪروڙن جي ڪڻڪ برساتي موسم ۾ کليل آسمان ھيٺ پيل ھجڻ ڪري خراب ٿي وئي آهي. اڳواڻن سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي ڪڻڪ کي محفوظ ھنڌ تي منتقل ڪري قومي خزاني کي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.ھوڏانھن ڊي ايف سي قمبر رابطي ڪرڻ تي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته قمبرشھدادڪوٽ ضلعي جي فوڊ سينٽرن مان 10 ھين محرم گذرڻ کانپوءِ ڪڻڪ جي لوڊنگ شروع ڪري ڪراچي جي لانڍي جي گدامن ڏانهن اماڻينداسين، فوڊ کاتي طرفان اين ايل سي کي ڪڻڪ جي لوڊنگ جو ٺيڪو ڏنو آهي