شھدادڪوٽ ( ڊ ر ) ايس ٽي پي اڳواڻن امداد سومرو، شاهد حسين مستوئي، عبدالرشيد مگسي، عمران خشڪ ۽ مسلم ڪمبوھ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪي پي ڪي صوبي جي ضلع ڊيرا اسماعيل جي رهائشي عرفان الله ولد نظر گل 2013ع ۾ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي اڳوڻي ڊي سي قمبر رضا بلوچ جي صحيح سان قمبر شهر جي باگو ديرو محلي جو ڊوميسائيل ۽ 2022ع تي نادرا کان شناختي ڪارڊ ٺهرائي سنڌ جي ڪوٽا تي اسلام آباد ۾ پوليس کاتي ۾ نوڪري ورتي آهي جيڪا سنڌ جي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙو ۽  زيادتي آهي. اڳواڻن گهر ڪئي ته ضلعي قمبر شهدادڪوٽ مان جعلي شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل هفتي اندر رد ڪري سنڌ سميت ضلعي جي نوجوانن سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ھائي ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾ پٽيشن داخل ڪرائبي.