لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ آبادگار بورڊ ۽ جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جي گڏيل سڏ تي قمبر شهدادڪوٽ جي رهواسين گاڏين تي سوار ٿي ريليءَ جي صورت ۾ لاڙڪاڻي جي ڪمشنر آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو.آبادگار بورڊ جي ضلعي صدر عبدالخالق کوسو، لاڙڪاڻي جي ضلعي جي صدر عرفان جتوئي، ايوان زراعت جي صدر سراج راشدي، خالد عمر کوسو، حبيب الله جروار، ذوالفقار جمالي، جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ وھاب پندراڻي، عرس سيلرو، غلام الله سيلرو، قادر بخش سيلرو ۽ ٻين چيو ته بلوچستان سميت جيڪب آباد، شڪارپور ۽ ڪشمور ضلعن جو ٻوڏ وارو پاڻي ڪئنالن، برانچن ۽ شاخن ذريعي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ ڇوڙ ڪيو ٿو وڃي.هنن چيو ته کيرٿر ڪئنال، سيف الله مگسي برانچ ۽ ٻين شاخن کي لڳايل ڪٽ اڃا تائين ھلندڙ آهن. اسان جي ضلعي ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪرائي ٻين ضلعن کان پاڻيءَ جي ٿيندڙ ڇوڙ کي بند ڪرايو وڃي. ڪئنالن، برانچن توڙي شاخن مان ڇوڙ وارو پاڻي ختم ڪرائي انھن کي لڳل سمورا ڪٽ بند ڪرايا وڃن. جن علائقن مان پاڻي نڪري چڪو آهي انهن کي ڪڻڪ جي فصل جي پوکي لاءِ ٻج جي رقم فراھم ڪئي وڃي.ٻئي صورت ۾ احتجاج کي جاري رکيو ويندو. هوڏانهن ڪمشنر گنھور لغاري آبادگار اڳواڻن کي آفيس سڏائي مسئلا معلوم ڪيا. ڪمشنر مسئلن جي حل لاءِ ٿڏي تي قدم کڻندي چيف انجنيئر رائيٽ بينڪ رياض شاهه سان رابطو ڪري کيرٿر ڪئنال ۽ سيف الله مگسي برانچ کي لڳل ڪٽ بند ڪرائڻ جون ھدايتون ڏنيون. ڪمشنر جيڪب آباد جي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي کي به فون ڪري ھدايتون ڏنيون ته ڪٽ بند ڪرڻ وارو ڪم شروع ڪندڙ آبپاشي عملي کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جي ڊپٽي ڪمشنر سان رابطو ڪري کيس ھدايتون ڏنيون ته شھدادڪوٽ ۽ قبو سعيد خان تعلقن ۾ بيٺل ٻوڏ واري پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪم تيز ڪرايو وڃي. ڪمشنر ڳالھين ۾ اھا به خاطري ڪرائي ته روڊن ۽ رستن کي لڳل ڪٽ مڪمل طور بند ڪرائڻ لاءِ اين ايڇ اي ۽ روڊس کاتي سان ڳالهائيندس. گڏجاڻي ۾ ڪمشنر اعلان ڪيو ته جلد ڊويزنل سطح تي سيمينار سڏائي مستقبل ۾ ٻوڏن کان بچاءَ ۽ پاڻي جي نيڪال لاءِ جامع رٿابندي بابت ويچاريندي ماھرن، آبادگارن، انجنيئرز ۽ ٻين کان تفصيلي تجويزون گڏ ڪري سنڌ حڪومت حوالي ڪيون وينديون.