قمبر ( رپورٽر) قمبر جي سبزي منڊي ۾ سيٺ لياقت گوپانگ جي پٽ احسان گوپانگ مڇرجي پنهنجي ئي دڪان تي ڪم ڪندڙ مزدورن مٿان ڏنڊن ۽ سرن جو وسڪارو لائي ڏنو، نوجوان عامر گوپانگ  سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي علاج لاء قمبر سول  اسپتال آندو ويو، جتي سندس جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ ڪري کيس لاڙڪاڻي اسپتال جي دماغ واري وارڊ ۾ داخل ڪرايو ويو آھي جڏھن جوابدار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو.