قمبر (رپورٽر) قمبر جي يونين ڪائونسل شبير احمد چانڊيو جي مختلف ڳوٺن ڳوٺ روحل خان ،ڳوٺ عبدالرحيم نورياڻي، ڳوٺ عارب آجباڻي جي رهواسين واهر نه ٿيڻ تي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي غلام سرور آجباڻي، سومر نورياڻي ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺن ۽ زمينن ۾ هن وقت تائين پاڻي بيٺل آھي، اسين روڊن تي خاندان سميت ويٺل آھيون پر انتظاميا  اسان جي ڪا به سار سنڀال نه لڌي آھي، تڪ جا چونڊيل نمائندن مدد ناهي ڪئي، اليڪشن وقت ووٽ لاءِ منٿون ڪندا هئا، هاڻ ڪير سار لهڻ وارو ناهي،   بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون، سفارشي ماڻهن کي امدادي سامان ملي رهيو آهي، نوٽيس وٺي بک مرڻ کان بچايو وڃي.