شھدادڪوٽ ( رپورٽر ) قمبرشھدادڪوٽ ضلعي جي جاگير ۽ جابلو پٽي  ۾ٻوڏ متاثر ڳوٺن فقير محمد کوسو، ڏتل جت، علي رضا چانڊيو، دودو چانڊيو،  مري جا قبا، زر ٻرڙو،نياز علي چانڊيو ۾ چونڊيل نمائيدا ۽ ڊپٽي ڪمشنر راشن پھچائي نه سگهيا.ڊپٽي ڪمشنر پاران ٻيڙي ذريعي ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻن کي راشن پھچائڻ لاءِ آندل ٻيڙو نه ٺھي نه سگهيو، ٻيڙو ٻئي ڏينهن به خراب حالت ۾ ايف پي بچاءَ بند جي ڪناري تي بيٺل آهي، ڊپٽي ڪمشنر پاران آندل راشن جو ٽرڪ واپس قمبر کڻائي ويو.علي رضا چانڊيو، شاھن علي، وزير علي ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته ٻوڏ کي 8 ڏينهن ٿي ويا آهن،راشن ناهي پھچايو ويو،ٻارڙا، عورتون ۽ مرد بکن ۾ مري رھيا آهن ھنن وڌيڪ چيو ته اسان کي ڪجهه ٿيو ته انهيَ جا ذميوار چونڊيل نمائيندن سميت سنڌ سرڪار ھوندو ٻوڏ متاثر ٿيل ڳوٺاڻن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزير اعلي سنڌ سيد مرادعلي شاهه کان مدد ۽ واھر ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي .