قمبر/شهدادڪوٽ(نمائندن وٽان) قمبر جي يوسي غيبي ديرو، يوسي ڪور ڪمال، يوسي پهنوارو ،يوسي   شبير احمد چانڊيو سميت مختلف يونين ڪائونسلن جي سوين ٻوڏ متاثرن کاڌ خوراڪ ۽ صحت جون سهولتون نہ ملڻ ۽ پاڻي نيڪال نه ٿيڻ  خلاف   احتجاجي مظاهرو ڪري باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي سجاد احمد چانڊيو، غلام عباس ڏيپراڻي، خالد مارفاڻي، حامد علي چانڊيو ۽ ٻين دانهيو ته ڊي سي حڪمران جماعت جي ونگار وهندي ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل راشن ۽ ٻيو سامان ٻوڏ متاثرن کي ڏيڻ بدران  ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز حوالي ڪري ڇڏيو آھي،اسان بکون ڪاٽي رهيا آهيون،  شاخن ۽ سم نالن کي ڏنل ڪٽ ۽ پيل گهارا بند ناهن ٿيا، ٻي طرف  شھدادڪوٽ ڀرسان ڳوٺ پھلوان بروھي جي ٻوڏ متاثر بيوھ عورت مسمات مرادي خاتون بروھي پنهنجي يتيم ٻارڙن سان گڏجي سماجي اداري   خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو،ان موقعي تي  مسمات مرادي خاتون چيو ته اسان کي سرڪار طرفان راشن ۽ خيما نه ڏنا ويا آهن، هن چيو ته سماجي ادارو  من پسند ماڻهن جي سروري ڪري انهن کي راشن سميت ٻيو سامان ڏئي رهيو آهي، انصاف ڪيو وڃي.