قمبر/ سجاول جوڻيجو/ نصيرآباد (نمائندن وٽان) قمبر ۾ڊي سي آفيس ڀرسان لاڙڪاڻو روڊ تي همايون مغيري ۽ علي محمد کوسو جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو. ٻئي پاسي  پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ ٻوڏ متاثرن مختيار ڪار آفيس جي مک دروازي اڳيان صدر مگسي، دين محمد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن چيو ته ڊي سي متاثرن کي اي سي ۽ هو وري مخيتار ڪار ڏانهن ٿو موڪلي ٿو، سامان حڪمران جماعتن جي ماڻھن کي ڏنو پيو وڃي. بک ۽ بدحالي کان بچائي زرعي زمينن مان پاڻي نيڪال ڪرائي ڏنو وڃي. سجاول جوڻيجو ۾ برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ تي متاثرن، سوشل ورڪر ۽ وطن دوست مزدور فيڊريشن طرفان هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ ڳاڙها جهنڊا کڻي ريلي ڪڍي مختيارڪار آفيس اڳيان مين نيشنل هاءِ وي روڊ تي ڌرڻو هنيو. محمد خان لاشاري، رضا اسراڻ، اڪبر ڪولاچي، غازي بروهي جو چوڻ هو ته  اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار عبدالوحيد جوکيو جي آفيس هفتي کان بند آهي. من پسند ماڻهن کي راشن ۽ ٽينٽ ڏنا ٿا وڃن، اسان ڊي سي قمبر ۽ سيشن جج قمبر زاهد حسين ميتلو کان گهر ڪيون ٿا ته نوٽيس وٺي ٽينٽ ڏنا وڃن،  ٻي صورت ۾ ايندڙ سومر کان اي سي  خلاف احتجاج تحريڪ شروع ڪنداسين. ايس ايڇ او سجاول جوڻيجو ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي روڊ کولرايو.  نصيرآباد ۾ ڀٽائي درزي يونين جي سڏ تي عزيز ڪانڌڙو، سجاد چنو  محمد ٽڳڙ، آصف ٻگهيو استاد احتجاج ڪندي چيو ته درزي بي روزگار بڻجي ويا آهيون، جائز مطالبا بنا دير حل ڪيا وڃن.