ڪراچي (نمائندن وٽان)  قمبر، بهرام، چمبڙ، ڌاٻيجي، ميرواهه گورچاڻي ۾ ڪتن 22 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو. قمبر ۾ ڪتن 10 سال جي بينظير، 9 سال جي ماريا، 6 سال جي عرس، 8 سال جي فرحان، 6 سال جي سارنگ،11 سال جي وحيد، 35 سال جي اسلم، 63 سال جي ابراهيم،32 سال جي اسلام الدين کي ڏاڙهيو، جي کي قمبر  اسپتال آڻي فرسٽ ايڊ ڏئي ويڪسيئن ڪئي وئي. بهرام ۾ڇتي ڪتي اسلم، ايوب، صابر حسين مگسي، امان الله، عبدالباسط، منصور کوکر کي ڏاڙهيو، زخمين کي ويڪسين لاءِ قمبر اسپتال  منتقل ڪيو ويو.چمبڙ جي ڳوٺ خان محمد بوزدار ۾ ڇتي ڪتي چئن ڄڻن پپو بوزدار، لطيف، احسان ۽ محمد صديق بوزدار کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾سول اسپتال ٽنڊوالھيار نيو ويو، جنھن بعد کين حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، ڌاٻيجي ۾ ڪتن 12 ورهين  جي شاگرد شاهجان سمي کي ڏاڙھي وڌو.ميرواھ گورچاڻي جي سومرا ڪالوني ۾ ڪتن حملو ڪري نوجوان ڪامل تي حملو ڪري رتورت ڪري ڇڏيو، اسپتال ۾ ويڪسين نه ملي.