ڪوٽڙي / سيوهڻ(رپورٽر) درگاھ قلندر لعل شهباز جي مزار تي زائرين کان رشوت وٺي زيارت ڪرائڻ جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد درگاھ جي سيڪيورٽي انچارج کي معطل ڪرڻ بعد ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ درگاھ قلندر شهباز تي نئون سيڪيورٽي انچارج محمد امين جتوئي کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، چار ڏينهن اڳ رشوت وٺڻ تي سيڪيورٽي انچارج سيد نجف شاھ کي معطل ڪري هٽايو ويو هو. قلندر شهباز جي درگاھ بند ھئڻ باوجود زائرين کي رشوت عيوض مزار اندر زيارت ڪرائڻ جي هڪ وڊيو وائرل ٿي هئي جنهن کان پوء ايس ايس پي ڄامشورو سيڪيورٽي انچارج کي معطل ڪري ڇڏيو هو، جنهن بعد پوليس لائين ۾ ويٺل ايس ايچ او محمد امين جتوئي کي درگاھ قلندر جو سيڪيورٽي انچارج مقرر ڪرڻ جو آڊر جاري ڪيو ويو آهي، جنهن چارج وٺي ڪم شروع ڪري ڏنو آهي.