سيوھڻ(رپورٽ: اشرف عطار)  صوفي بزرگ حضرت لال شهباز قلندر جو ميلو پڄاڻي تي پهتو. آخري ڏينهن تي وڏي وزير مراد علي شاهه مزار تي حاضري ڀري ۽ چادر چاڙهي دعا گھري. قلندر جي ميلي جي آخري ڌمال تي به  عوام جو جوش جذبو ڏسڻ وٽان ھو ,زائرين پنھنجي ماڳن تي واپس روانا ٿيڻ وقت روئي ويٺا، زندگي رھي ته ايندڙ سال لال سائين جي ميلي تي اينداسين، پانڌيئڙا، تفصيل موجب  سنڌڙي جي جڳ مشهور عظيم صوفي بزرگ حضرت سخي لعل شھباز قلندر جو 771 ھون سالياني عرس مبارڪ واريون تقريبون پڇاڻي تي پھتيون جڏھن ته قلندر جي ميلي جي آخري ڌمال تي به عوام جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان ھو عقيدت مند جلوس ڪڍي قلندري ڌمالون ھڻي وجداني ڪيفيت ۾ رقص ڪندي قلندر جي مزار تي عقيدت جو اظھار ڪرڻ مصروف رھيا جڏهن ته پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن کان آيل لکين زائرين درگاھ قلندر جي مزار تي حاضري ڏيڻ بعد واپس پنھنجي ماڳن طرف روانو ٿيڻ وقت آکين مان لڙڪ لاڙي ويٺا. ھنن عقيدتمندي جو اظھار ڪندي چيو ته زندگي رھي ته ايندڙ سال وري ميلي تي اينداسين. ھنن چيو ته لعل شھباز قلندر جي ميلي ۾ ٽي ڏينهن ايئن گذري جو خبر ئي پئجي نه سگھي پر جڏھن اڄ واپس پنھنجي گھر طرف پيا ٿيون ته دل چوي ٿي ته ھميشھ قلندر تي رھجي وڃجي, ڇو ته اولياء الله ۽ ولين جي درن تي روحاني سڪون ملي ٿو پر ڇا ڪجي واپس نٿا وڃون ته گذر ڪيئن ٿيندو ۽ اميد تي دنيا قائم آھي ته من جون مرادون پوريون ٿيون ته وري اچبو بعد ۾ زائرين پنھنجن پنھنجن  منزلن طرف روانا ٿيڻ لڳا آهن. حضرت سخي لعل شھباز قلندر جي عرس مبارڪ جي ٽئين ڏھاڙي تي لعل داس جي ڪافي  تان فقير آسن گل پاران درگاھ قلندر ميندي آڻڻ جي رسم ادا ڪئي وئي جنهن ۾ مختلف ڪافين جي سرگروھن سميت وڏي انگ ۾ فقيرن ۽ شھرين ۽ عقيدتمندن شرڪت ڪئي.